يونان: ان دور جون رياستون ۽ ادب جو مختصر جائزو!
اظھر علي
حضرت عيسيٰ جي پيدائش جي ٽي کان چار سال پھريان جو يونان علم، ادب ۽ فلسفي جو ڳڙھ ھو. تنھنڪري مغربي ادب جي صنفن جا تقريبن باني ان دور ۾ ئي پيدا ٿيا. اسان کي يونان جي ادب کي سمجھڻ کان اڳ يونان جي زميني ورھاست يعني ان دور جي رياستن کي سمجھڻو پوندو ۽ انھي سان گڏوگڏ انھي دور جي سياسي ۽ سماجي تبديلين تي به سرسري نظر وجھڻي پوندي ته جيئن پاڻ چڱيءٙ طرح سمجھي سگھون ته یونان اندر اھي ڪھڙيون حالتون ھيون، جن علم، ادب ۽ فلسفي جي ايتري وڏي خزاني کي جنم ڏنو.
دراصل يونان پنج قبل مسيح ۾ ننڍين، ننڍين خودمختيار رياستن ۾ تقسيم ٿيل ھو. ان وقت ٻين رياستن جي ڀيٽ ۾ يونان جون ٽي اھم ۽ منفرد مقام رکندڙ رياستن ۾ ڪارنيٿ (Corinth)،اسپارٽا (Isparta)، ۽ اٿينس (Athens) شامل ھیون.
ڪارنيٿ رياست تجارت ۾ خاص مقام رکندڙ رياست ھئي. اسپارٽا فوجي نظام ۽ تعليمي نظام سان گڏوگڏ نظم ۽ ضبط جي حوالي سان مثالي ھئي. جڏھن تہ اٿينس جي رياست ايراضي ۾ ست سئو ميل ۽ آبادي جي لحاظ کان ساڍا ٽي لک عوام تي مشتمل رياست ھئي. جنھن کي دنيا جي تاريخ ۾ پھرين جمھوري رياست ڪوٺجي ٿو. ان کان علاوہ، اٿينس جي رياست جي تجارت تمام بحرِ روم ۾ ڦھليل ھئي. ان دور ۾ اٿينس علم، حڪمت، سياست، ادب ۽ آرٽ ۾ حيرت انگيز ترقي حاصل ڪئي. تاريخي طور تي ڏٺو وڃي ته 431،قبل مسيح کان،404 قبل مسيح تائين اٿينس ۾ پاڻ کي ڪيتريون ئي تبديليون رونما ٿيندي ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جنھن دوران رياست جو آئين ڪيترا ئي ڀيرا تبديل به ڪيو وڃي ٿو. انھي سياسي ۽ سماجي اٿل پُٿل واري دور ۾ جيڪڏھن پاڻ ڏسون ته مغربي فلسفي جي وڏن نالن جھڙوڪ؛ سقراط جي عمر چاليھٙ سال ھئي، جڏھن تہ افلاطون اڃان پيدا ئي نه ٿيو ھو. ياد رھي تہ ھيءُ دور پيرڪليس (Pericles) جي سنھري دور کان به اڳ جو دور ھو.
يونان جي انھي قديم دور ۾ اٿينس اندر تعلیم لاءِ ڪو به ادارو يا يونيورسٽي قائم نہ ھئي. جنھن خال کي پورو ڪرڻ لاءِ ھڪ نئي جماعت وجود ۾ آئي جن کي سوفسطائي (Sophists) سڏيو ويندو ھو. اُهي تعليمٙ پيئسن عيوض وڪڻدا ھئا. فيس وصول ڪري ماڻھن کي علم ڏيندا ھئا، جنھن عمل جي فلسفي جي دنیا جي پھرين شھيد سقراط سخت مخالفت ڪئي ۽ اگر تاريخي طور تي ڏٺو وڃي تہ ان سوفسطائي تحريڪ کي اڳتي وڌائڻ ۾ پيٿاگورس ۽ زينوفينس به خاطر خواھ ڪردار ادا ڪيو ھو. بنيادي طور تي ھيءُ اھو ئي دور آھي، جنھن ۾ پاڻ کي ٻن وڏن فلسفين يعي؛ سقراط ۽ اينيگزاگورس وچ ۾ ملاقات به ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ سقراط کي سندس ڳالھيون صداقت ڀريون ۽ منطقي محسوس ٿين ٿيون. انھي دور ۾ دراصل اينيگزاگورس ماڻھن کي ٻڌائي رھيو ھو تہ سج ڪو ديوتا ڪونھي، پر ھڪ چمڪندڙ دھاتٙ جو ٺھيل گولو آھي. ھن ماٹھن کي اھو بہ ٻڌايو تہ چنڊ وٽ پنھنجي روشني ناھي، ڇو ته چنڊ ته مٽيءٙ جو ٺھيل آھي. اٿينس جا ماڻھون انيگزاگورس جا اھي خيال ٻُڌندي ئي بحث مباحثي ۾ شروع ٿي ويا ۽ کيس ڪافر ۽ دھريو سڏڻ لڳا. دراصل سقراط، سندس جي ان خيالن سان ان ڪري بہ متاثر ٿيو ھو، جو سقراط بذاتِ خود ديوتائن کي گھٽ اھميت ڏيڻ لڳو ھو ۽ سندس سوچڻ جو انداز بہ حيرت انگيز طور بدلجي چڪو ھو.
سقراط جي دور ۾ اٿينس اندر شھرين کي ھر قسم جي تعلیم مادري زبان ۾ ئي ڏني ويندي ھئي. بنيادي تعليم ۾ يوناني قديم شاعرن جي ڪلام سميت رياضي، جيومٽري ۽ فلڪيات جي تعليم کي نصاب جو حصو بڻايو ويو. انھي کان علاوه موسيقي ۽ جسماني ورزش پڻ تعليم جا لازمي مضمون ھئا. اٿينس جو ڪلچر مڪمل طور تي انسان دوست ھو. اٿينس اھا واحد ڌرتي ھئي، جاتي دنيا جو پھريون جمھوريت جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو ھو. يونان اندر ڊرامي ۽ ٿيٽر کي تمام گھڻو عروج مليو، عظيم ترين درسگاھون ۽ اڪيڊميون قائم ٿيون. جتي سياست، نفسيات، مذھب ۽ تقريبن هر سماجي علم تي فلسفياڻا ڪتاب لکيا ويا. جنھن ۾ پرورش وٺھندڙ عظيم ترين انساني قدرن( values) نہ صرف مغربي ادبي دنيا کي ڪلاسيڪيت عطا ڪئي، پر مابعد عيسائيت ۾ شامل ٿي اخلاقيات جا نوا زاويہ بہ شامل ڪري ڇڏيا. جنھن جا اثرات اڄ جي جديد مغربي دنيا ۾ پڻ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انھي دور ۾ يعني 508، قبل مسيح ۾ ڪلايِسٿينس( Cleisthenes ) اٿينس جو سياستدان ھو جنھن کي اسين " بابائي جمھوريت اٿينس "يا اٿينِيٙن جمھوريت جي بابي " (The father of Athenian democracy." ) جي لقب طور سڃاڻون ٿا. ھيءُ اھو ساڳيو دور ھو جيڪو ھڪ وقت ادب، علم ۽ فلسفي ۾ ترقي جو دور به ھو ته ساڳئي وقت سياسي ۽ سماجي تبديلن ۽ جنگ ۽ جدل جو دور به ھو.
497 کان 479، قبل مسيح جي وچ ۾ فارس ڪيترا ئي ڀيرا اٿينس تي ناڪام حملا به ڪيا، جن کي روڪڻ لاءِ 477، قبلِ مسیح ۾ تمام يوناني سلطنتون ملي ڪري اٿينس جي رھمنائي ھيٺ" ڊيلائن ليگ "جوڙي جنھن جو مقصد تمام يوناني رياستن کي تحفظ فراھم ڪرڻ ھو. جنھن کان پوءِ 461 کان، 429 قبلِ مسیح ڌاري اٿينس ۾ پيرڪليس (Pericles)جي حڪومت قائم ٿي. سندس دور اندر اٿينس جي حصي ۾ ترقي ۽ خوشحالي آئي. جنھن کي اٿينس لاءِ علم، آگاھي ۽ تھذيب جو سنھرو دور يا ڪلاسيڪل دور طور به ڄاتو وڃي ٿو.
يونان جي ان ڪلاسيڪل دور ۾ مغربي ادب جو بنياد پيو. ان دور اندر خصوصن نثري ادب يعني، ڊراما ۽ تاريخ کي ترقي ملي. ھڪ طرف افلاطون جو رعيتي راڄ (The Republic) ۽ ٻئي طرف ارسطو جي" پوئيٽڪس "فلسفي ۽ ادب جي بنيادي ٿيوريز جو تعين ڪيو، جنھن جا اثرَ مغربي ادب تي تمام گھرا پيا. سيفو جي شاعری کي مرتب ڪيو ويو. ڊيسمنڊ مورس لکي ٿو ته "جيڪڏهن هومر پهريون مرد شاعر آهي، ته پوءِ سيفو پهرين عورت شاعره آهي." ياد رھي تہ سيفو جي شاعري جو وڏو حصو غير اخلاقي قرار ڏئي ساڙيو ويو ھو، سندس شاعري جو فقط ويھون حصو ئي وڏي مشڪل سان اسان تائين سلامتيءٙ سان پهچي سگھيو آھي.ان کان علاوه قديم يوناني شاعر 'پندار' (Pindar)جي شاعري جي سترھن جلدن ۾ طب آزامائي ۽ان جي ماسٽرپيس " ايپي نيشيا"(The epinicia)جو ظھور ٿيو.يوناني ڊراما " دي گاڊ ڊيانسس اينڊ ٿيٽر"(The God Dionysus & Greek Theatre) جاتي مذھبي قدرن سان ڀرپور ھو تہ اتي ارسٽافينس(Aristophanes) جي "ڪلائوڊ( The clouds) "مغربي ادب ۾ ابتدائي ڪاميڊين انٽليڪچوئل فيشن جو بنياد وڌو.مجموعي طور تي ان دور جا ڊراما طنزيہ (سائيتر۔) مزاحيہ(ڪاميڊي ) ۽ رنجيدہ( ٽريجڊي )قسمن جا ھوندا ھئا. ڊرامن اندر ناچ، گانا ۽ نغمن کي پڻ جاءِ حاصل ھئي. ان دور اندر گھڻاتڻا ڊراما مختلف فيسٽيولز وغيره ۾ مقابلي جي نيت سان پرفارم ڪيا ويندا ھئا، جن ۾ اداڪارٙ چھري تي ماسڪ لڳائي کليل ٿيٽرس( open theater) ۾ پرفارم ڪندا ھئا. ڊرامن ۾ عمومن قديم يوناني دور جي ڪاميڊي پرفارم ڪئي ويندي ھئي، جيڪا ڪڏھن فحش، تہ ڪڏھن نھايت سنجديدہ يا رنجیدہ قسم جي به ھوندي ھئي. يوناني ادب جو ھيءُ دور مغربي صنفن جي واڌ ويجھہ جو اھم دور ھو.
نيٺ 454 قبل مسيح ۾" ڊيلائـن ليگ "ڊيلوز ٻيٽ کان اٿينس منتقل ڪيو ويو تہ يونان ۾ ھڪ ناخوشگوار فضا ڇائجي وئي، جيڪا نيٺ اٿينس ۽ اسپارٽا جي وچ ۾ "پيلو پينيشين "جنگ جي نتيجي طور سامھون آئي ۽ اسپارٽا کي فتح نصيب ٿي. " پيلو پينيشين "جنگ کان پوءِ ھڪ سياسي ۽ سماجي ڏڦير يونان جي حصي ۾ آيو. سلطنتون ايتري قدر تہ ڪمزو ٿي ویون جو 338 قبلِ مسیح ۾ فليقوس عرفِ عام ۾ 'فلپ آف ميسي ڊونیان' اٿينس تي قبضو ڪري ڇڏيو، جنھن کانپوءِ سندس پٽٙ سڪندرِاعظم يونان مان نڪري سڄي دنيا جي ڪيترن ئي حصن تي پنھنجي حڪومت قائم ڪئي ۽ اھڙي طرح جنگ جي سياح ڪڪرن دنيا جي ڪيترين ئي وڏين سلطنتن کي پنھنجي لپيٽ جي دائري ۾ آڻي ڇڏيو ،جيڪو سلسلو 323 قبل مسيح ۾ اچي سندس موت تي ختم ٿيو ۽ آخرڪار يونان جي ان يادگار دور جي به پڄاڻي ٿي.