-->

فلسفو ڇو ۽ ڇا لاءِ؟

فلسفو ڇو ۽ ڇا لاءِ؟  (حصو پھريون)

فلسفو ڇو ۽ ڇا لاءِ؟

عدنان سومرو

دنيا جا تقريبن سمورا فلسفي ان ڳاله تي متفق آهن ته فلسفو بيچين ڪري ٿو، بيقرار ڪري ٿو، متحير (حيران) ڪري ٿو، متحرڪ ڪري ٿو، ترغيب ڏئي ٿو، پر وڏي خوشي به ته ڏئي ٿو. ڪائنات جي رازن کي پڌرو ڪرڻ سان گڏ، خودي تان پردو به هٽائي ٿو. فلسفي کان سواءِ ڪير اسان کي مابعدالطبيعات، علميات، منطق، جماليات، پوليٽيڪل سائنس، اخلاقيات ۽ علم ادب جي سماجي ڪارج سان روشناس ڪرائيندو؟ گهڻي ڀاڱي فلسفي جي عام وصف کان هر پڙهندڙ واقف هوندو پر جڏهن به فلسفي ۾ ڪا سمجهڻ جي ڳالھه ايندي آهي، تڏهن گهڻا ئي پڙهندڙ ڪيٻائي ويندا آهن. ڇو جو گهڻن ماڻهن جي ذهن ۾ اهو پيٽرن ٺهيل هوندو آهي ته فلسفو هڪ ڏکيو موضوع آهي ۽ ان کي سمجهڻ لاءِ گهڻو وقت کپي. ڪهڙي به موضوع کي سمجهڻ لاءِ وقت ئي کپندو آهي، جيڪڏهن ڪنهن به موضوع کي باريڪ بينيءَ سان سمجهڻو آهي ته ان ۾ پنهنجي سموري قوت ڏيڻي پوندي آهي. ھاڻي ڏسو فلسفو ڇا آهي؟ اهو هڪ اهڙو سوال آهي جيڪو هر پڙهيل لکيل ماڻهو ضرور پڇندو آھي؛ پر ان جو ڀرپور جواب نه ملڻ سبب هو سوچيندو آهي ته فلسفو تمام ڏکيو ۽ خشڪ مضمون آهي. بهرحال اهو ائين ناهي. اصل ۾ فلسفو هڪ نهايت ئي دلچسپ ۽ واقعي خوشين وارو موضوع آهي. ”فلسفو ايڏو ڏکيو ڇو لڳندو آهي؟“ فلسفو ان ڪري به ڏکيو لڳندو آهي؛ ڇاڪاڻ ته فلسفي جا بنيادي سوال ڪنهن به ڪچي ذهن کي منجهائيندڙ لڳندا آهن مثال طور فلسفي جي بنيادي سوال تي نظر وجھجي ته پهريون سوال ڪائنات ڇا مان ٺھيل آهي؟ کانپوءِ وري انھي کي ٺاھيندڙ يعني خدا جي وجود جو سوال اچي ٿو. ڇا خدا جو ڪو وجود آهي؟ زندگي جو مقصد ڇا آهي؟ اسان جو ذهن ڪيئن ڪم ڪري ٿو؟ ٻيا ذهن ڪيئن ڪم ڪن ٿا؟ اسان ڪا شيءِ ڄاڻون ڪيئن ٿا؟ اهڙا کوڙ سارا ٻيا سوال جيڪا فلسفي جا بنيادي سوال آهن. فلسفو هڪ سرگرمي آهي. ڪجهه چوندا ته خيالي ڪجهه چوندا ته عملي پر اها هڪ مستقل سرگرمي آهي، جيڪا ڪنهن به ذهن کي سوچڻ جي سگهه موهيا ڪري ٿي. اسان مان سوچيندڙ ذهنَ کي خبر آهي ته پڙهڻ جا ڪيترائي ئي فائدہ آهن. پر ڪجهه موضوع اهڙا آهن جن موضوعن کي پڙهڻ سان ڪنهن به فرد جي سوچ يا خيال جي اڏام تيز ٿي ويندي آهي. جيئن سائنس، ادب ۽ سياست وغيره نظرياتي اعتبار کان هر علم فلسفي جي هيٺ اچي ٿو. اھا عام چوڻي چئي ويندي آهي ته: ”فلسفو سڀني علمن جي ماءُ آهي.“ پر اهو گهٽ پڇيو ويندو آهي ته فلسفو سڀني علمن جي ماءُ ڇو آهي؟ فلسفي کي سمجهڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته انسان جي خيالن جي تاريخ کي سمجهڻو پوندو. فلسفو پڙهندڙ هميشه تنقيدي سوچ جو حامل هوندو آهي. يعني ته سڀني علمن جو تنقيدي جائزو وٺي پوءِ ڪنهن نتيجي ته پڄاڻي ڪندو. تنقيدي سوچ ئي انسان ذات جي ترقي جو اهم هٿيار رهي آهي ۽ جيستائين دنيا رهندي ايستائين تنقيدي سوچ ئي اڳيان پنهنجي ارتقا ڪندي ترقي طرف وٺندي ويندي. هتي روايت کان هٺي ڳالهائجي ته فلسفو ڪو جادو ناهي جيڪو ڪنهن به ماڻهو کي تنقيدي سوچ رکندڙ يا تخليقي صلاحيتن جو مالڪ بڻائي ڇڏي پر جيئن ته فلسفو جيڪڏهن ڪنهن کي پڙهڻو آهي ته انهي لاءِ ان کي فلسفي جو تعارف ۽ فلسفي جي شاخن کي سمجهڻو پوندو.

Previous Post Next Post