-->

ڊيوڊ ھيوم (1776-1711) جي نظر ۾ اخلاقيات ڇا آھي؟

 ڊيوڊ ھيوم (1776-1711) جي نظر ۾ اخلاقيات  ڇا آھي؟
David Hume

اظھر علي

                ڊيوڊ ھيوم ايڊن برگ اسڪاٽليڊ ۾ 1711ع ۾ پيدا ٿيو.ٻارھن سالن جي عمر ۾ يونيورسٽي آف ايڊن برگ ۾ داخل ٿيو. پاڻ تجربيت پسندي جو علمبردار ھو. ڊيوڊ ھيوم پنھنجو مشھور ڪتاب(A Treatise of Human nature) ٽيويھٙہ سالن جي عمر ۾ لکيو جنھن کي عمانيوئل ڪانٽ 57 سالن جي عمر ۾ (Critique Of pure Reason)ڪتاب لکي تنقيد جو ھدف وڏي عاجزاڻي انداز ۾ بڻائيندي لکيو ته:
    "آئون کليل دل سان تسليم ڪيان ٿو ته اھا ڊيويڊ ھيوم جي ٽپ ٽاپڻي ھئي،جنھن ڪئي سال پھرين، منھنجي عقیدتمندي جي ڳَهَرَ ۾ خلل وجھي مونھنجي ڳولھائُن کي ھڪ مختلف رُخ ڏنو."®1
                 عمانيوئل ڪانٽ لکيو تہ ڊيوھيوم توھم پرست (Dogmatic) فلسفين تي تنقيد ڪرڻ ۾ بلڪل درست آھي، مگر تشڪيڪي يعني(skeptical) انداز ۾ شين کي مڪمل طور تي ختم ڪري، فلسفي کي ھڪ بند گليءٙ ۾ بيھارڻ واري عمل ۾ درست ناھي.انھي ڪري آئون سندس  ڪيل غلطين کي درست ڪندس ۽ اھڙي نموني عمانيوئل ڪانٽ فلسفي اندر حدون يعني (Capacities and Limitation) مقرر ڪري، تجربيجت پسندي ۽ عقليت پسندي کي ملائي پنھنجو فلسفو ٽرانسڊينٽل آئيڊيلزم جي صورت ۾ پيش ڪري ٿو.
"ھيوم فلسفي جو تصور انساني فطرت جي استقرائي (Inductive)۽ تجرباتي سائينس (Experimental science) طور ڪيو.انگلش فزڪس دان سر آئزڪ نيوٽن جي سائنسي طريقي کي ان جو نمونو (Model) بڻائيندي ۽ انگريزي فلسفي جان لاڪ جي علميت( Epistemology) جي علم تي تعمير ڪندي، هيوم اهو بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته دماغ ڪيئن انھي شئي کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪم ڪري ٿو،جنھن کي  علم چئجي ٿو.ھيءُ(ھيوم) ان نتيجي تي پهتو ته حقيقت جو ڪو به نظريو ممڪن ناهي.تجربي( Experience) کان وڌيڪ ڪنهن به شيءِ جي ڄاڻ نٿي ٿي  سگهي."®2
  "ڊيوڊ ھيوم جو نه  صرف دماغ جي فلسفي  (Philosophy of Mind) ۾ زبردست ڪم ملي ٿو پر پاڻ جيڪڏھن ڏسو ته "چارلس ڊارون ھُن (ڊيوڊ ھيوم) جي ڪم کي ارتقا جي نظريي تي مرڪزي اثر سمجهي ٿو."®3
              بھرحال، اسانجو موضوع ڊيوڊ ھيم جو اخلاقياتي فلسفو آھي، سو ان کي ئي سمجھڻ جي ڪوشش  ڪنداسين. اسين اڪثر ماڻھن ۽ انھن جي عملٙ متعلق پنھنجي راءِ جوڙيندا آھيون، ته فلاڻو سٺو انسان آھي، ھوءُ خرابُ انسان آھي، سچ ڳالھائڻ سٺي عادت آھي،چوري ڪرڻ ڪُڌو عمل آھي، محبت ۾ ڌوڪو ڏيڻ گناه آھي، ۽ وغيره،  وغيره.
            فرض ڪريو ته رستي تان ڪم سانگي ويندي، توھان ڀرسان ڪو شخص مٙٽي ٿو،جنھن جي کيسي ۾ ھٿ ھڻڻ دوران بي ڌيانيءٙ منجھان پنج ھزار جو نوٽ ڪري پوي ٿو، ۽ اھو نوٽ توھان يڪدم کڻي وٺو ٿا، توھانجي ھڪ دل چيو ته اھو نوٽ ھڪدم توھان پنھنجي کيسي ۾ وجھي چپُ چاپ نڪري وڃو، مگر ٻِي دل چيو تہ نه ھيءُ ته خراب عمل ٿيندو ۽ توھان ان شخص پٺيان ھڪل ڪري کيس نوٽ واپس ڪري سرھائي يا فخر محسوس ڪريو ٿا. بلڪل انھي ۾ ڪو به شق نه آھي ته اخلاقي قدرٙ ڪنھن به معاشري جي ترقيءٙ توڙي خوشحالي ۾ ريڙهہ جي ھڏيءٙ جيئان اھم ۽ ڪارآمد ڪردار ادا ڪندا آھن. ليڪن اھو سٺو يا اخلاقي توڙي غير اخلاقي عمل اسان ڇو ڪيو؟ ان پٺيان ڪھڙين قوتن پنھنجو ڪردار ادا ڪيو؟ پاڻ اگر  ڪا راءِ جوڙي ته  فلاڻو عمل سٺو آھي ۽ فلاڻو عمل خراب آھي ته انھي راءِ جوڙڻڻ ۾ پنھنجي ڪنھن مدد ڪئي عقل يعني (Reason) يا خواھش يا جذبي يعني (Passion or will) ؟ ڊيوڊ ھيم جيئن ته  تجربيت پسند فلسفي ھو ته ھو ظاھر آھي،ھر ڪم جو ڪندڙ عقل کي قطعي طور تي تسليم نه  پئي ڪري سگھيو.تنھنڪري ڊيوڊ ھيوم انھي اخلاقي راءِ جوڙڻ لاءِ اتساھيندڙ قوت يعني ڪنھن به ڪم کي ڪرڻ ۾ ملوث قوتون ڪھڙيون آھن،جنھن کي ھو (Motivator Force) چئي ٿو. ته  بنيادي طور ڊيوڊ ھيوم انھن کي تلاشڻ جي ڪوشش ڪندو. ته ڇا اھو سٺو ۽ خراب ھجڻ جي راءِ (Judgment) ۽ عمل يا ڪم  پٺيان عقل  ملوث آھي يا ڪا ٻي قُوت؟ ڊيوڊ ھيوم انھي فيصلو يا راءِ جوڙڻ جي عمل ۾ ڪم ايندڙ ٻن قوتن جو ذڪر ڪري ٿو.
  1. خواھش يا جذبو"passion"، ( خواھش desire ,لاڙو "inclination "وغيره ) ۽
  2.  عقل يعني(Reason )جو ذڪر ڪري ٿو. 
مطلب ڊيوڊ ھيوم مطابق پاڻ جيڪو به ڪم سرانجام ڏيون ٿا انھي پٺيان ٻہ قوتون ملوث آھن.جيڪو پاڻ کان اھو ڪم ڪرائن ٿيون جنھن کي ھو عقل ۽ جذبو يا خواش سڏي ٿو. ھيوم لکي ٿو تہ؛
"آئون پھريان اھو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس تہ عقل (Reason) اڪيلو ڪنھن به ارادي(خواھش)، جي ڪاروائي جو سبب نٿو ٿي سگھي."®4
                        ھيوم دعويٰ ڪري ٿو ته نه عقل (Reason) اڪيلي سِر ڪنھن اخلاقي عمل کي سرانجان ڏئي ٿو سگھي، نه ئي خواھش یا جذبو (Passion)  پر ڪنھن به اخلاقي عمل ۾ انھي ٻنھي قوتن جو گڏيل ڪردار شامل ھوندو آھي.يعني عقل ۽ ارادو يا جذبو گڏجن ٿا تڏھڻ پاڻ ڪا نه ڪا راءِ يا فيصلو ڪنھن به  عمل متعلق جوڙي سگھون ٿا پر انھي عمل کي ڪري به سگھون ٿا. فرض ڪريو ته توھان ڪنھن دڪاندار کان پنج سئو رپين جو راشن اُڌارُ ورتو آھي، ۽ ھاڻ توھان سوچي رھيا آھيو. ته ان کي اُڌار واپس ڪريان.مگر ھيوم سوال ڪري ٿو ته ڇا اھو ذھن ۾ عقل ذريعي  سوچڻ توھانکان ان پيئسا موٽائڻ وارو عمل ڪرائيندو؟ ڇا ذھن ۾ صرف عقل ذريعي سوچڻ ئي ڪافي آھي ؟ ھيوم چوي ٿو نه صرف اھو سوچڻ ڪافي ناھي پر ان عمل کي سرانجام ڏيڻ لاءِ خواھش، یا ارادي يعني (will) جو ھجڻ به لازمي آھي ۽ اھو ارادو يعني (will) ئي توھانکان اھو ڪم ڪرائيندي. ڊيوڊ ھيوم اڳتي دعويٰ ڪري ٿو ته عقل ڪڏھن به جذبي یا خواھش جي مخالفت یا ان جو ردُ نٿو ڪري سگھي. صرف ھڪ جذبو یا خواھش، ئي ٻئي جذبي یا خواھش  جي مخالفت ڪري سگھي ٿي.

                  مثال طور توھان ھيماليا جي چوٽي چڙھڻ چاھيو ٿا. توھانجو چاھ يا خواھش آھي ته اھو ڪم ڪجي مگر ان ئي وقت توھانکي موت جو خوف به  ٿئي ٿو ۽ توھان ان خواھش کي منسوخ ڪري ڇڏيو ٿا. ته ڏسو ھتي چوٽي چڙھڻ واري خواھش(wish )جي، موتٙ جي خوفٙ يعني (fear)مخالفت ڪري ۽ توھانجي ارادي يق فيصلي کي رد ڪري توھانجو فيصلو ئي مٽائي ڇڏيو. يعني ھتي جذبي يا خواھش ٻئي جذبي يا خواھش تي غلبو حاصل ڪندي پاڻ مڃارايو. ته  ھاڻ جيئن ھڪ جذبو یا خواھش (passion )ئي ٻئي جذبي یا خواھش(Passion or wish )جي مخالفت ڪري سگھي ٿو .بلڪل ساڳي  طرح ڪا به عقلي تجويز  (Rational proposition) يا فيصلو يا راءِ ئي ٻي عقلي تجويز "Rational proposition" یا فيصلي يا راءِ جي مخالفت ڪري سگھي ٿي.انھي جي برعڪس اگر عقل  کي جذبي یا خواھش جي مخالفت ڪرڻي آھي، تہ انھي کي بذاتِ خُود اڪيلي سِر ڪنھن به عمل(Act)جو ڪندڙ  ٿيڻو پوندو، جيڪو ھيوم مطابق بلڪل به نٿو ڪري سگھجي.ڇو ته ڪنھن به عمل ڪرڻ ۾ جذبو ۽ عقل برابر جا ملوث ھوندا آھن.
    "اسين عين مطابق ۽ فلاسافيڪل انداز جي برعڪس ڳالھائيندا آھيون، جڏھن اسين جذبي يا خواھش ۽ عقل جي مقابلي جو سوچيندا آھيون.عقل آھي، ۽ صرف جذبي يا خواھش جو غلام ھجڻ کپيس،ڪنھن ٻئي عهدو جي دعويٰ نه ڪري کانسواءِ ( جذبي یا خواھش جي) ٻانهَپَ ۽ عطاعت جي."®5
                   ڊيوڊ ھيوم جي مطابق عقل صرف اسانکي اھو ٻڌائي سگھي ٿو ته خواھش  کي ڪيئن پورو یا مڪمل ڪجي. پر ھُو اسانکي اھو ھرگز نٿو ٻڌائي سگھي تہ، ڪھڙيون خواھشات ھئڻ کپن. تنھنڪري بقول ھيوم عقل يعني(Reason)جذبی یا خواھش يعني (passion)جو صرف غلام( slave) آھي. عقل جو ڪردار غلام جھڙو آھي.مالِڪُ يعني (خواھش) چوي ٿي تہ مونکي فلاڻي شئي کپي، ( I 'want' that thing) ۽ اھو غلامٙ يعني (عقل)جو فرض آھي،ته ھو سوچي ان کي ڪيئن حاصل ڪري سگھجي ٿو.ھيوم جي ويجھو عقل جو ڪردار ڪنھن به عمل جي سرانجام ڏيڻ منجھہ بلڪل به ضعيفاڻو آھي. اھو ڇو آھي ڇاڪاڻ ته  پاڻ برطانوي تجربيت پسندي جو علمبردار ھو.تنھنڪري عقل جي ڪردار کي تمام نيچ ڪري ڏيکاريو اٿائين.
                 اھڙي طرح ڊيوڊ ھيوم جي ويجھو عقلُ،خواھش جو غلام آھي.۽ خواھش ۽ عقل گڏجي ڪنھن بہ عمل کي سرانجام ڏئي سگھن ٿا. انھي سان گڏ، ڪنھن به خواھش جو رٙد صرف ان کان وڌيڪ طاقتور خواھش ئي ڪري سگھي ٿي،جنھن ۾ عقل جو ڪو به عمل دخل ناھي ھوندو. ۽ ساڳي طرح ڪنھن به عقلي تجويز يا فيصلي يا ارادي جو رٙد بہ ڪا عقلي تجويز يا فيصلو يا ارادو ئي ڪري سگھي ٿي.باقي عقلي تجويز جي خواھش کي ردِ ڪرڻ جو سوچڻ بہ ڊيوڊ ھيوم مطابق ڪُند ذھني ۽ غير  فلاسفيڪل عمل ٿيندو.
Reference Notes:
  1. Prolegomena to Any Future Metaphysics, (P ,67).
  2. Encyclopedia Britannica
  3. Stanford Encyclopedia of Philosophy.
  4. A Treaties of Human nature; Citations are by book,(T,II,3,3,P.265).
  5. A Treaties of Human nature; Citations are by book,(T,II,3,3,266).
Previous Post Next Post