-->

فِڪرَ ۽ سُوچَ جي اُؤسَرِ : تاريخ جو فلسفو;رابن جارج ڪولنگ ووڊ

”فِڪرَ ۽ سُوچَ جي اُؤسَرِ: تاريخ جو فلسفو;رابن جارج ڪولنگ ووڊ!

راجا الطاف

robin george collingwood

                تاريخ جي واقعن کي تنقيدي نقطہ نظر سان ڏسڻ، ان جي سببن، عملن ۽ پس منظر کي بيان ڪرڻ ۽ اُن جو تاوِيلُ (ڪنهن بہ ڳالهہ يا جملي جو ظاهري مطلب نظرانداز ڪري،  پنهنجي راءِ موجب ڪيل معنيٰ پيش ڪرڻ، تنقيدي پرک ڪرڻ) پيش ڪرڻ کي ئي ”تاريخ جو فلسفو“ چئجي ٿو.
تاريخ جي تاريخ ۾ ”تاريخ جي فلسفي“ وارو اصطلاح پهريون ڀيرو جڳ مشهور تاريخدان والٽير استعمال ڪيو هو، جنهن مان ھُن جي مراد هئي تہ ”آزاد ذهن ۽ کليل دماغ سان تاريخ جو مطالعو ڪيو وڃي ۽ پوءِ ئي واقعن جو تنقيدي جائزو ورتو وڃي“. 
 اُن کان پوءِ هيگل اُن اصطلاح جو ورجاءُ ڪيو ۽ اُن کي وسيع معنيٰ ۽ مفهوم ۾ پيش ڪيو. هيگل ”تاريخ جي فلسفي“ کي هڪ سنواريل، سڌاريل ۽ جامع فلسفياڻو نظام بڻائي، اُن جي ذريعي آفاقي اصولَ دريافت ڪيا. جن جي روشني ۾ ھُن قومن جي تاريخ ۽ تهذيب کي بيان ڪيو ۽ قومن جي عهد ۽ تمدنن جي اُڀارَ، عروج ۽ زوال کي اُنهن اصولن جي روشني ۾ ڏٺو.
             جڳ مشهور فلسفي ۽ تاريخدان رابن جارج ڪولنگ ووڊ، (جارج ڪولنگ وڊ 1889ع ۾ پيدا ٿيو. ھُن پنهنجي زندگيءَ جو گهڻو وقت آڪسفرڊ ۾ گذاريو، جتي هو فلسفو پڙهائيندو هو. ھُن جو مشهور ڪتاب (Idea Of History) سندس وفات کان پوءِ 1946ع ۾ ڇپيو. اُن ڪتاب کان پوءِ ڪولنگ وڊ هڪڙي فلسفيءَ جي حيثيت سان ڏاڍو مشهور ٿيو. ھُن تاريخ جي نظرين کي جديد انداز ۾ ڏٺو ۽ اُهو ئي انداز ھُن جي وڏي شُهرتَ جو سبب بہ بڻيو.) مٿين نقطہ نظرن کان مختلف پنهنجو نظريو ڏنو ۽ چيو تہ ”فلسفياڻو ذهن ڪڏهن بہ، صرف ڪنهن شيءِ (Object) جي باري ۾ ناهي سوچيندو، پر ھُو (ذهن) جنهن شيءِ جي باري ۾ غور ۽ فڪر ڪندو آهي تہ، اُن شيءِ جي باري ۾ پنهنجن خيالن تي پڻ غور ڪندو آهي، ان غور ۽ فڪر ڪرڻ کي فلسفو يا سوچ جو ٻيو درجو/ ڏاڪو چيو وڃي ٿو. مطلب تہ هڪ خيال مٿان ٻيو خيالُ. جڏهن تہ فلسفي جي ڀيٽ ۾ نفسيات، فڪر جو پهريون درجو آهي“.
               ڪولنگ ووڊ پنهنجي تاريخي نظرين ۾  جنهن شيءِ کي واضح ڪيو آهي، اُها هيءَ آهي تہ ”تاريخ فطرت کان آزاد آهي. اُهي عملَ جن جي اثر، قوت ۽ جنهن جي زور سان انسان تاريخي تبديليون آنديون آهن، اُن جي پس منظر ۾ ڪابہ مٿاهين  (Super nature) قوت ۽ طاقت ناهي. تاريخ آزادگيءَ سان پنهنجا منصوبا پورا ڪندي آهي. تاريخي فڪرُ، فطرتي سائنس (Natural Science) جي دٻاءُ (Force) کان آزاد آهي ۽ اُها هڪ خودمختيار سائنس آهي، جنهن جا پنهنجا عملَ، اصولَ ۽ فڪري نظام آهي. تاريخ اهڙي سائنس آهي، جيڪا انساني زندگي جي هر پهلوءَ کي سَميٽي ۽ ويڙهي ڪَري، ترتيب ڏئي ٿي. تنهنڪري، انسان جي ذهني، شعوري، فڪري، سياسي ۽ سماجي ترقيءَ ۾، اُن جو مطالعو ڪرڻ ضروري آهي.“

مددي ڪتاب
”تاريخ ۽ فلسفي جي تاريخ“ ڊاڪٽر مبارڪ علي. (اڙدو)
”سوفيءَ جي دنيا“ جوسٽين گارڊر (سنڌي ترجمو)
”فلسفي جي تاريخ“ ايلين ووڊز (انگلش)
Previous Post Next Post