“ريئلزم ڇا آهي؟"
بشارت عباسي
سنڌيڪار; ڊاڪٽر سحر گل
ريئلزم ڇا آهي؟ اسين ريئلزم کي بطور موجوده نظام جي نظريي طور بيان ڪري سگهون ٿا. اثباتيت (Positivism) به حقيقت ۾ ريئلزم جي ئي ذيلي جنس (sub-species) آهي، جيڪا ان جيان ئي فقط حقيقت تي غور ڪندي آهي،اها حقيقت ۽ قدر ۾ فرق ڪري،اھي دَليلُون رد ڪندي آهي جيڪي 'value judgment' سان بطور ريئل ۽ آئيڊيلسٽڪ جڙيل هوندا آهن.ريئلزم هڪ ”ڪامن سينس يا عام فهم يا عام عقلي“ نظريو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو عام فهم نقطه نظر کي پروموٽ يعني ان کي اڳتي وڌائي کڻي هلي ٿو، ۽ اهو انهن سڀني خيالن يا تصورن کي رد ڪري ٿو جيڪي موجوده رياست يا رياستي نظام ۽ ان جي حالات تي تنقيدي سوال اُٿارين ٿا.
ريئلزم بطور ”عام فهم“ نقطه نظر( commonsensical Weltanschauung) جي ”ڇا ڪرڻ کپي“ جهڙن سوالن کي به غير حقيقي يا (unrealistic) چئي رد ڪري ٿو، يا وري ان کي ساڳئي، گهڻي استعمال ۾ آندل يعني گهسيل پٽيل لفظ”يوٽوپيا“ سڏي ٿو. ريئلزم کي نظامِ/طرزِ حڪمرانيءَ جو نظريو به چئي سگهجي ٿو.ان ڪري جو حڪمران پنهنجي مٿئين طبقي لاءِ ڪو به ٻيو معاشي، سياسي يا سماجي نظام، جيڪو سندن موجود نظام سان تضاد ۾ اچي ٿو، ته هو ان کي غير حقيقي، غير عقلي يا ديو مالائي خيال يا يوٽوپيائي چئي رد ڪري ڇڏين ٿا. هاڻي سوال اهو آهي ته جيڪڏهن اسين ريئلزم جي نظريي جي پوئواري ڪيون، ته ڇا اسان جهڙي ڪمزور انساني نسل لاءِ اهو ممڪن هوندو ته اسين شڪاري وحشي جانورن ۽ درندن جي مخالفت ۾ وڃي، سندن خلاف جدوجهد ڪيون ۽ پاڻ شڪار جا اوزار تيار ڪيون؟ يا وري ٻج پوکڻ وارو تصور ته زراعت ۾ هڪ عظيم انقلابي ٻِرانگهه کڻون؟ يا وري ميڊيول يا وچ واري دؤر خلاف يا عيسائيت جي نظام خلاف تاريخي جدوجهد ڪريون؟
جيڪڏهن اسين ريئلسٽ هجون ته اسين پنهنجي ذهن ۾ اهو خيال وِرلي ئي آڻينداسين ته جيڪر اسين جاگيرداري پئداواري ذريعن مان جان ڇڏائي، انهن کان اڳتي نڪري اچون، ۽ سرمائيداري توڙي نئين سماجي ۽ سياسي نظام جي وڌيڪ بهتر ۽ فائديمند پئداواري سرشتي ڏانهن اڳتي وڌون، اهڙن بهتر نظامن ڏانهن وڌون جيڪي عوام جي ۽ نئين بوروجوازي طبقي جي جدوجهد جي نتيجي ۾ اڳتي اچن ٿا؟جاگيرداري نظام ريئلزم کي بطور دلِ گُهري تصور جي پنهنجو ڪري ها، حقيقت اها آهي ته جاگيرداريءَ ريئلزم ڏانهن نيٺ تڏهن واجهايو جڏهن کين بوروجوازيءَ جي انساني حقن(Human rights) تي ٻڌل طرزِ حڪمرانيءَ جي مطالبي، ۽ سماجي معاهدي جي نظريي يا يوٽوپيائي مطالبي کي منهن ڏيڻو پيو؛ پر اسان ڏٺو ته (بلڪل ممڪن آهي ته) يوٽوپيائي تصور به حقيقت جي صورت اختيار ڪري سگهن ٿا، جيڪڏهن عوام موجودہ نظام مان بيزار ٿين.تنهنڪري،اوائلي بورجوازي ريئلسٽ نه هئا، ڇاڪاڻ ته انهن جاگيرداريءَ کي هڪ آخري، قدرت/خدا جي موڪليل حقيقت يا سچ سمجهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. حقيقت ۾ انهن عوامي طاقتَ ذريعي جاگيرداري نظام جي حاڪميت کي اُٿلائي ڦِٽي ڪري سماجي معاهدي جي نظريي (social contract theory)جي يوٽوپيا ۽ انساني حقن تي ٻڌل قانون کي حقيقت جو روپ ڏنو.
اسين مارڪسوادي، ريئلسٽ نظريي جا پوئوار نه آهيون، ڇاڪاڻ ته اسين ان متروڪ ۽ مُدي خارج بورجوازي نظام کي انساني تاريخ جو مُک ۽ حتمي مقصد ڪري نه ٿا کڻون. حقيقت ۾ مارڪسي جدلياتي ماديت هڪ فلسفو آهي، جيڪو نه فقط خيال ۽ حقيقت جي تصورن کي جدلياتي انداز ۽ نقطه نظر سان ملائي ٿو، پر اهو آجپي جي تصور ۽ سائنس يعني (Emancipatory theory and science) کي به ڳنڍي هڪ ڪري ٿو، ته جيئن موجوده غير منصف ۽ مُدي خارج نظام کي عملي طرح بدلائي ٻيو ڪجي. جنهن کي عملي فلسفو يا (The praxis philosophy) سڏجي ٿو.جدلياتي ماديت نه ته هڪ سادي سُودي ريئلسٽ نظريہءِ علم يعني (A Naive realist epistemology) آهي، نه وري اها سياسي ريئلزم جي نراجياتي تصور جي پوئواري ڪري ٿي. ان جي ابتڙ جدلياتي ماديت هڪ اهڙو نظريو آهي،جيڪو خيال ۽ حقيقت کي انقلابي تبديليءَ سان تار،ڀريل ۽ (Revolutionary Transformative praxis) عمل ذريعي ڳنڍي هڪ ڪري ٿو ڇڏي.دراصل، ريئلزم (پنهنجي نظريہءِ علم ۾، ۽ اخلاقي ۽ سياسي صورت ۾) هڪ نراجياتي تصور (Reactionary ideology) آهي،جيڪو ٻڌائي ٿو ته موجودہ عالمي نظام، جيئن جو تيئن هجي، ان جي پوڄا ڪجي، ۽ اهو ان تي به اُڀاري ٿو ته ان جي خلاف ڪا به نظرياتي يا سياسي جدوجهد نه ڪجي، ڇاڪاڻ ته اسان لاءِ (جاگيرداريءَ جيان) هاڻي سرمائيداري هڪ خدائي نظام جيان آهي، جيڪا انساني تاريخ جي آخري ۽ حتمي محاذ جيان اسان کي ملي.