جئي ڪرشنا مُورتي جو رِشي وادي ۾ ٻارن سان دلچسپ مڪالمو.
سنڌيڪار; اظھر علي
(جئي ڪرشنا مورتي ڀارت ڄائو ھڪ روحاني فلسفي ۽ عوامي معلم ھو.پاڻ ڪيترن ئي ڪتابن ۽ ليڪچر پروگرامن ذريعي عوام ۾ نئي فڪر جي سڄاڳي پيدا ڪئي.سندس مقصد عوام کي ذھني قيد و بند کان موڪمل طور تي آزاد ڪرڻو ھو.پاڻ 11،مئي،1895ع ۾ منڌن پلي،آنڌرپرديش ۾ ڄائو ۽ 17، فيبروري،1986ع ۾ نٙوي سالن جي ڄمار ۾ ڪيلیفورنيا، آمريڪا ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.ھيءُ ليک جئي ڪرشنا مورتي جي رشي واديءٙ ۾ ٻارن سان ٿيل تقريبن نٙوٙ منٽن جي فڪر انگيز گفتگو جو ترجمو آھي.)
جئي ڪرشنا مورتي: آئون اھو معلوم ڪرڻ چاھيان ٿو،جيڪو وڌيڪ بھتر آھي.اھو ڄاڻڻ لاءِ تہ توھان ڇاجي باري ۾ ڳالھائڻ چاھيو ٿا؟
پھريون شاگرد: پر سر اسان کي اھو ٻڌايو توھان ڇاجي باري ۾ ڳالھائڻ چاھيو ٿا؟
جئي ڪرشنا مورتي: بلڪل ٺيڪ!ھاڻ آئون توھان سان ان باري ۾ ڳالھائي سگھان ٿو.ٺيڪ آ؟
پھريون شاگرد: جي سر.
جئي ڪرشنا مورتي: پھريان مان توھانکان پڇان ٿو.[جيئن]مان چانھن پھريان توھانکي پيش ڪيان ٿو،مان پاڻ نٿو[پيان].ساڳي طرح آئون پھريان توھانکان پڇان ٿو ته توھان ڇاجي باري ۾ ڳالھائڻ چاھيو ٿا.۽ توھان ٽُرپ ڏئي ھر قسم جون ڳالھيون ڪيو ٿا.توھانجي ڳالھائڻ کانپوءِ جيڪڏھن وقت بچيو ته آئون ان جي باري ۾ ڳالھائيندس،جنھن جي باري ۾ آئون ڳالھائڻ چاھيان ٿو.ٺيڪ آ؟
پھريون شاگرد: جي سر
شاگردياڻي: توھان ڇا جي باري ۾ ڳالھائڻ چاھيو ٿا؟
جئي ڪرشنا مورتي: آئون اڄ صبح جنھن جي باري ۾ ڳالھائڻ چاھيو ٿي،جيڪڏھن مونکي درست طور تي ياد آھي ته "ڇا توھان 'حساس'(sensitive) آھيو؟
شاگردياڻي: ڇا جي باري ۾؟
جئي ڪرشنا مُورتي: توھان ڏٺو توھانجو ڦوري جواب آھي "ڇاجي باري ۾؟آئون ڪنھن جي باري ۾ نٿو ڳالھايان.پر ڇا پنھنجو پاڻ ۾ توھان 'حساس' (Sensitive) آھيو؟
توھانکي خبر آھي ته حساس ھجڻ مان مقصد ڇا آھي؟
شاگردياڻي: محسوس ڪرڻ ( To feel).
جئي ڪرشنا مورتي: محسوس ڪرڻ.
شاگردياڻي: سُجاڳ (Alert).
جئي ڪرشنا مورتي: سُجاڳ.
شاگردياڻي: سمجھڻ ( To understand).
جئي ڪرشنا مرتي: نه !
توھان ھنن گُلن جي باري ۾ حساس (Sensitive) آھيو.ڇا توھان ناھيو؟ڇا توھان ماڻھن جي باري ۾ 'حساس' (Sensitive)آھيو؟
شاگردياڻي: ماڻھن جي باري ۾؟
جئي ڪرشنا مورتي: ھن سڀني ڇوڪرن،ڇوڪرين،وڌندڙ ماڻھن سڀني جي باري ۾.ڇا توھان حساس آھيو،اھو ڏسڻ لاءِ ته ھو ڇا محسوس ڪري رھيا آھن، ڪيئن نظر اچن ٿا،ڇا ڪن ٿا،؟
شاگردياڻي: سر صرف انھن جي باري ۾ جيڪي گھڻو وقت منھنجي ويجھو ھوندا آھن.
جئي ڪرشنا مرتي: ھا. پر انھن جي باري ۾ بہ نه.
شاگردياڻي: ھر وقت نه .
جئي ڪرشنا مورتي: بلڪل ته ڇا توھان حساس آھيو؟توھان چئو ٿا ڪڏھن ڪڏھن مان "حساس" (Sensitive) ھوندي آھيان.ايئن سھي ناھي، اھو ھڪ خراب آلو جي ھجڻ برابر آھي. ته آئون حساسيت جي باري ۾ ڳالھائڻ وڃي رھيو ھئس.ته توھانجو تعلق( Relationship) ڪھڙو آھي .توھان لفظ (word) [تعلق;Relationship] سمجھو ٿا؟دنيا ۾ جيڪو ڪجھ ٿي رھيو آھي،ان سان توھانجو ڪھڙو تعلق (Relationship) آھي؟ توھان سمجھي رھيا آھيو ته آئون ڇا پيو پُڇان؟توھانجو تعلق.توھان پنھنجي پيءُ يا ماءُ سان جڙيل (Related) آھيو ،سھي آھي؟ڇا توھانجو تعلق ڪنھن به حساب سان باقي دنيا سان آھي،جيڪي ڪجھ به ھن دنيا ۾ ٿي رھيو آھي؟
شاگردياڻي: جي.
جئي ڪرشنا مورتي: صبر،صبر مونکي ٻُڌو.ڀوپال ۾ پنجويھ سٙئو ماڻھون ماريا ويا ۽ لکين ماڻھون زخمي ٿيا.توھان انھن جي باري ۾ ڇا محسوس ڪيو ٿا؟
شاگردياڻي: آئون ڏک محسوس ڪيان ٿي.
جئي ڪرشنا مورتي: توھان ڏک محسوس ڪيو ٿا ته پوءِ ڇا؟
شاگردياڻي: محسوس ٿئي ٿو ته لاپرواھي ھر جڳھ ھوندي آھي.صرف ھڪ ننڍڙي سوراخ [گيئس خارج ٿيڻ]جي ڪري، ھيءٙ بلڪل بہ لاپرواھي ھئي.
جئي ڪرشنا مورتي: ڇا توھان غور سان ٻڌو پيا مان ڇا پيو چوان؟ڇا توھان ٻين جي ڀوڳنائن( Sufferings)جي باري ۾ محسوس ڪيو ٿا؟
پھريون شاگرد: نه سر.
جئي ڪرشنا مورتي: ھا!
پھریون شاگرد: سر اسان نٿا ڄاڻون.....!
جئي ڪرشنا مورتي: صبر،صبر آئون توھانکان ھڪ سوال پڇيو آھي.ڇا توھان ٻين ماڻھن جي تڪليف جي باري ۾ محسوس ڪيو ٿا؟
پھريون شاگرد: سر اڪثر ته آئون ٻين ماڻھن کي تڪليف ڏيندو آھيان.
جئي ڪرشنا مورتي: تون الھائي چالاڪ آھين،پوڙھا ٻار! ؓمان توھان کان پيو پڇان.مان توھانکان ھڪ سوال ڪيان پيو،توھان پڻ ڪجھ ٻيو پيا پڇو.مان پڻ ايترو ئي چالاڪ آھيان،جيترا توھان آھيو.مان پڇان پيو،ڇا توھان ٻين ماڻھن،اجنبين جي ڀوڳنائن (Sufferings) جي باري ۾ 'حساس'( Sensitive) آھيو؟
شاگردياڻي: سر ايترو نه جيترو ٻيا آھن.
جئي ڪرشنا مورتي: مطلب تہ توھان ناھيو.توھان ڇو ناھيو؟
پھريون شاگرد: سر اسان.....!
جئي ڪرشنا مورتي: صبر، صبر ھڪ منٽ صبر ڪيو.ڪلھ مان ھيٺ وڃي رھيو ھئس،اتي ٻہ ڇوڪريون ھيون اڇي ڌار ورين پٙٽين (Ribbons) سان.منھنجي خيال ۾ شاگردياڻيون ھيون.ھو ٻئي ڇھ مٙيل ھڪ طرف ۽ ڇھ ميل ٻئي طرد پنڌ ڪن پيون،يعني ڏينھن ۾ ٻارنھن ميل[پنڌ ڪن پيون]ڇا توھان انھن جي باري ۾ حساس (Sensitive) آھيو،ته ھو سڄو ڏينھن پنڌ ھلڻ جي باري ۾ ڇا محسوس ڪن ٿیون؟
شاگردياڻي: نه سر ڇو ته ان جو مون تي اثر نٿو پوي.ان جو منھنجي زندگي تي به ڪو بہ اثر نٿو پوي.
جئي ڪرشنا مورتي: بلڪل درست.تنھنڪري،توھان ٻين جي باري ۾ حساس ناھيو.
شاگردياڻي: صرف پاڻ جي باري ۾.
جئي ڪرشنا مورتي: توھان خودغرض آھيو.
پھريون شاگرد: سر اڪثر توھان حساس ھوندا آھيو.ڇا توھان کي ماڻھن جو ڏک ٿئي ٿو؟جيئن،جڏھن ڀوپال ۾ ماڻھون مٙريا.
جئي ڪرشنا مورتي: آئون چيو نه، ڏسو مونسان چالاڪي نه ڪيو.ڇا توھان انھن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي باري ۾ ڄاڻون ٿا جيڪي ڏينھن ۾ ٻارنھن ميل پنڌ ڪن ٿا؟انھن وٽ کائڻ لاءِپورو کاڌو بہ ناھي ھوندو.ھو تڪليف ۾ آھن ٺيڪ؟ توھان ھن جي باري ۾ ڇا محسوس ڪيو ٿا؟توھانکي پر واھ ناھي؟
شاگرد پھريون: مونکي پرواھ آھي.
جئي ڪرشنا مورتي: ته پوءِ توھان ڇا ٿا ڪيو؟
پھريون شاگرد : مان ڇا ٿو ڪري سگھان سر؟
جئي ڪرشنا مورتي: توھان گھڻو ڪجھ نٿا ڪري سگھو. پر توھان مِس ٿامس ۽ مِس راڌيڪا کي چئي سگھو ٿا تہ اچو ته سوچيون پاڻ ھنن جي ڪھڙي نموني مدد ڪري سگھون ٿا؟اچو ته ھُنن لاءِ بس(Buss) ڳولھيون ته جيئن ھو اتي اچي،وڃي سگھن.توھان ڪوشش ڪري ڪجھ ڪيو ٿا.توھان صرف 'ھا' نٿا چئون. ٺيڪ آ؟
پھريون شاگرد: ٺيڪ .
جئي ڪرشنا مورتي: ڇا توھان ايئن ڪندا؟
شاگردياڻي: سر ...!
جئي ڪرشنا مورتي: ھڪ منٽ صبر مان ھن سان ڳالھايان پيو.ڇا توھان مِس ٿامس ۽ راڌيڪا وٽ ويندا ۽ چوندا خواتين و حضرات اسان کي ھُنن جي باري ۾ ڪجھ ڪرڻ گھرجي.ڇا توھان ويندا؟ اري بابا! ڇا توھان ويندا؟ يا توھانکي پرواھ ناھي؟
پھريون شاگرد: مونکي پرواھ آھي،سر.
جئي ڪرشنا مورتي: پوءِانھن وٽ وڃو جيئن مان انھن وٽ وڃي رھيو آھيان.مان انھن ٻارن لاءِ بس(Bus) چاھيان ٿو.مان انھن کي 'ڪروار ڪٙٽا' کڻي ويندس يا انھن سڀني لاءِ ھتان کان ٻاھر اسڪول ٺاھيندس.مان ڪم ڪيان پيو مان انھن لاءِ ڳالھائيندس. اگر ھو ايئن نٿا ڪن ته [ مان انھن لاءِ] مصيبت برداشت ڪندس.
پھريون شاگرد: سر توھان ڪري سگھو ٿا.
جئي ڪرشنا مورتي: توھان ڪيو به توھان منھنجي مدد ڪيو ايئن ڪرڻ ۾،ڇا توھان ڪندا؟
پھريون شاگرد: جيڪڏھن توھان مونکي ٻڌايو[ ته ڪيئن مدد ڪجي ]آئون ڪندس.
جئي ڪرشنا مورتي: آئون توھان کي ڪون ٻڌائندس توھان وڃو ۽ ايئن[مدد] ڪيو.ان ۾ ئي توھانجي آزادي آھي. ته آئون حساسيت (sensitivity ) جي باري ۾ ڳالھائڻ چاھيان ٿو.آئون دنيا سان توھانجي تعلق (relation)متعلق ڳالھائڻ چاھيان ٿو.توھان وڏا ٿيو پيا، ھيءٙ خوبصورت جڳھ' رِشي وادي' ڇڏي ڪالج ۽ يونيورسٽي ويندا. شادي ڪندا، پوءِ نوڪري،۽ ٻارٙ پيدا ڪندا ۽ جھڳڙو اھو سڀ ڪجھ توھانجي زندگي ۾ ٿيڻ وارو آھي.۽ ھِن باقي دنيا سان توھانجو تعلق (Relation)ڪھڙو آھي؟ تشدد،سياست ۽ ھن ملڪ جي زبردست ڪرپشن سان؟
شاگردياڻي: جيڪڏھن ايئن ڪبو ته خودغرض بڻجي وڃبو .
ڪرشنا مورتي: نه توھان خودغرض نه بڻجندا.توھانکي پرواھ آھي.توھان ھن زبردست ڪرپشن کان پريشان آھيو.
شاگردياڻي: سر اسان ان جي باري ۾ ڇا ٿا ڪري سگھون؟
جئي ڪرشنا مرتي: ڪرپٽ نه ٿيو.
شاگردياڻي: ھا پر ڪيئن؟
جئي ڪرشنا مورتي: صبر توھان ناھي ٻڌو. تون تمام جلدباز آھين ڇوڪري.توھان پاڻ ڪرپٽ نه ٿيو.وڙھو!جنھن شئي کي غلط سمجھو ان خلاف اُٿي بيھو.
پھريون شاگرد: ۽ جيڪڏھن ڪير متفق نه ٿئي ته ان سان وڙھون؟
جئي ڪرشنا مورتي: منھنجي وڙھڻ مان مقصد آھي تہ توھان ڪرپٽ نه ٿيو.
پھريون شاگرد: آئون ڪرپٽ نه ٿيا پر....!
جئي ڪرشنا مورتي: انھي سان ڪو به فرق نٿو پوي ٻین کي ڇڏي ڏيو، توھان ڪرپٽ نه ٿيو.
پھريون شاگرد: آئون نه ٿيندس.
جئي ڪرشنا مورتي: جڏھن توھان وڏا ٿيو چئو ھا "مان ڪرپٽ نه ٿيندس" ۽ تون وڏو ٿي ڪاروبار ۾ وڃجان.
ٻيون شاگرد: انھي جو ڪو به فائدو نه ٿيندو جڏھن صرف ھڪ شخص ڪرپٽ نه ھجي.
جئي ڪرشنا مورتي: پھريان پنھنجو پاڻ کان شروع ڪيو.
پھريون شاگرد: ٺيڪ سر جيڪڏھن توھان ڪرپٽ ناھيو، آئون صرف ھڪ مثال ڏيان ٿو ـ ۽ توھان نوڪري لاءِ وڃو ٿا اُتي 'مينيجنگ ڊاريڪٽر' توھانجو انٽرويو وٺي ٿو ۽ ھُو سڌو سنئون توھانکي چئي ٿو ته رشوت ڏيو نت توھانکي نوڪري نه ملندي.
جئي ڪرشنا مورتي: نوڪري نه وٺو.توھان ڪنھن [مقصد سان گڏ ]ڇو نٿا [بيھو]؟
ٻيو شاگرد: نوڪري جي بغير آئون ڪيئن جيئندس؟
جئي ڪرشنا مورتي: نه جيئو.
ٻيو شاگرد: پوءِ ھن دنيا ۾ اچڻ جو مقصد ڪھڙو ٿيو؟
جئي ڪرشنا مُورتي: [پاڻ]ڳولھيو.ڏسو توھان سڀ تمام ڪمزو آھيو توھان شڪست قبوليو ٿا.فرض ڪيو جيڪڏھن توھان چئو ٿا ته "نه معاف ڪجو آئون ڪرپٽ نه ٿيندس"ـ۽ توھان پنھنجي پاڻ سان ماڻھون گڏ ڪيو ٿا،وڙھو ٿا.
ٻيو شاگرد: سر پر جيڪڏھن مونسان گڏ صرف پنج ماڻھون ھجن ته.
جئي ڪرشنا مورتي: ايترا ڪافي آھن.شروع ڪيو.