مارڪس ڇو مھان ماڻهو هو؟
اياز علي
مارڪس ان ڪري مھان ماڻهو هو، جو هيءُ ماڻهو اهو پھريون ماڻهو هو، جنھن اها ڳالهه ٺوس سائنسي طرح سان سمجهائي، ته انساني سماج ۾ موجود هر قسم جي ظلم، ۽ ناانصافي جو بنياد طبقن ۾ وجود رکي ٿو، اُن ڪري، جيستائين طبقاتي سماج کي تبديل نه ٿو ڪيو وڃي، ۽ جيستائين اُن کي ختم نه ٿو ڪيو وڃي، ۽ جيستائين انساني برابريِءَ تي ٻَڌل هڪ غيرطبقاتي انساني سماج اڏيو نه ٿو وڃي؛1 تيستائين، پورهيت عوام جي وسيع تر گهڻائي سُک جو ساهه کڻي نه سگهندو ۽ اها طبقاتي سماج جي ظلم توڻي ڦرلٽ جي گهاڻي ۾ پيسجندي رهندي.
برابر فڪري طرح سان اُها ڪا نئين ڳالهه نه هئي، جو مارڪس کان اڳ اها ڳالهه سترهين ۽ ارڙهين صديءَ جي عوام دوست سياسي مفڪرن: سينٽ سائيمن، رابرٽ اووين ۽ فوريئر وغيره ڪري چڪا هئا، پر اهي خيالي مفڪر هئا، تصوري ودوان هئا، ۽ يوٽوپيائي عالم هئا، اهي طبقاتي سماج جي ڦورو چڪر تي ڪڙهي ته رهيا هئا، پر ان لاءِ هُنن جا واٽ ڏسي. جو علاج تجويز ڪيو، جو حل ڏنو، جو ترياق ڏنو، تنھن جو ڪو به ٺوس سائنسي بنياد نه هو. هُنن ڦرلٽ کان آزاد هڪ غيرطبقاتي سماج جي اڏاوت لاءِ جيڪي ڳالهيون ڪيون، جيڪي خواب ڏٺا، جيڪي خواهشون ڪيون، ۽ جيڪي ويچار ڏنا، سي دراصل، سائنسي بنياد کان محروم هئا، انهن جو داخلي بنياد ته هو، پر خارجي طور تي، مادي طور تي، ۽ سائنسي طور تي، ڪو به بنياد نه هو. اهو هنن جي فڪر جو وڏو بنيادي نقص به هو، جنھن کي ختم ڪرڻ لاءِ مارڪس جو پیدا ٿيڻ ۽ هُن جو فڪري ڪم ظاهر ٿيڻ تاريخ جي هڪ لازمي ضرورت هئي. ان لقاءَ کي ’ضرورت ۽ اتفاق‘ جي جدليات به چئي سگهجي ٿو.
بھرحال، مان سمجهان ٿو، ته مارڪس دنيا جو اهو پھريون پوليٽيڪل سائنٽسٽ هو، جنھن ارڙهين صدي ۾ سينٽ سائيمن، رابرٽ اووين ۽ فوريئر وارن جي غيرطبقاتي انساني سماج اڏڻ واري خيالي ڳالهه کي، ٺلهي خيال مان ڦيرائي، ارڙهين صدي جي خيالي سوشلزم کي خيالي سوشلزم مان تبديل ڪري، هيگل جي خيالي جدلياتي کي خيالي جدليات مان تبديل ڪري، نه رڳو سوشلزم جي سائنسي نظريي جو بنياد رکيو، پر ان کي سائنسي بنياد فراهم ڪيو، ۽ اهو سائنسي بنياد ’مٿڪي ملھه‘ [Surplus Value] وارو هو، جنھن ذريعي سرمائيداري نظام ۾ پورهيت عوام جي بي رحم ڦرلٽ ڪئي ٿي وئي.3
مارڪس ’سرمايو‘ جا چار جلد لکي، نه رڳو سرمائيداري نظام جي ڦرلٽ واري پيچيده مڪينزم کي وائکو ڪيو،پر اِها ڳالهه به سمجهائي، ته اُهو ’مٿڪي ملھه‘هجي ٿو، جنھن تحت سرمائيدار پورهيتن عوام جي رت پئيندو، پاڻ کي امير کان امير ۽ پورهيت کي غريب کان وڌيڪ غريب رهڻ تي مجبور ڪري ٿو،4 ۽ مان سمجهان ٿو، ته اها ئي مارڪس جي اهم ڳالهه هئي، اِها ئي مارڪس جي وڏي فڪري حاصلات هئي، اها مارڪس جي مھانتا هئي، اهو ئي مارڪس جو وڏو فڪري ڪارنامو هو، ۽ اها ئي اهڙي ڳالهه هئي، جنھن، دراصل، مارڪس کي جرمني، فرانس ۽ برطانيا جي سمورن عوام دوستن خيالي مُفڪرن کان نه رڳو مٿانھون ۽ اعلى مقام بخشيو ٿي، پر مارڪس کي مٿن مقدم به رکيو.
حوالا
1. ان لاءِ پڙهو: اياز علي جو ڪتاب ڪارل مارڪس، روشني پبليڪيشن، حيدرآباد، 2017ع.
2. ان لاءِ پڙهو: ڊاڪٽر سڪندر مغل جي ڪتاب ”ڏاهپ جو اڀياس“ جو ڇهون باب ”فلسفي جا مکيه جزا، تصور يا موضوع“، سنڌ دوست پبلشرس، ڪراچي،2002ع.
3. ان لاءِ پڙهو: فريڊرڪ اينگلس جو ڪتاب: Socialism-Utopian or Scientificپروگريسو پبلشرس، ماسڪو، 1970ع.
4. پڙهو: ساڳيو ڪتاب.
Tags:
Sindhi