-->

فلسفو ڇو ۽ ڇا لاءِ؟ - حصو ٻيو

 فلسفو ڇو ۽ ڇا لاءِ؟ - حصو ٻيو

فلسفو ڇو ۽ ڇا لاءِ

عدنان سومرو

                    پوئين مضمون ۾ پاڻ اھو سکي آياسين ته فلسفو ڪھڙي قسم جا سوالٙ اٿاري ٿو.ھاڻ مختصر طور فلسفي جي شاخن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين. بنيادي طور تي فلسفي جون پنج اھم شاخون آھن:

  1.   مابعدالطبيعات (Metaphysics)
  2. علميات (Epistemology)
  3. اخلاقيات (Ethics)
  4. جماليات (Aesthetics) ۽ 
  5. منطق (Logic)

                       ھيءُ فلسفي جون اُھي قديمي شاخون آھن، جن ۾ ڪيترا ئي فلسفي انتھا درجي جو ڪم ڪري چڪا آھن. جيڪو وقت سان گڏ نئي رخن ۽ لاڙن سان جاري به آھي. يعني ھنن مان ھر ھڪ شاخ پنھنجو پاڻ ۾ ھڪ دنيا آھي. ڪائنات ڇا مان ٺھي آھي؟ ان جو خلقڻهار ڪير آھي؟ ڪير آھي به يا نه؟ اسين ڇا منجھان ڦٽي نڪتا آھيون؟ خود ڪائنات ڇا منجھان ڦٽي نڪتي آھي؟ ھن قسم جا سوالات فلسفي جي اھم شاخ مابعدالطبيعات اٿاريندي آھي. ڪائنات جيڪڏھن خدا ٺاھي آھي ته ان جو علم ڪيئن حاصل ڪري سگھجي ٿو؟ علم حاصل ڪرڻ جا ڀروسي جوڳا ذريعا ڪھڙا آھن؟ انساني حواسٙ، اکيون ڪن وغيره، علم جي حاصلات ۾ ڀروسي جوڳا آھن به يا نه؟ ڇا آئون ڪا شئي ڄاڻان ٿو؟ آئون ڇا ۽ ڪيئن ڄاڻان ٿو؟ ھن قسم جا سوالَ فلسفي جي اھم شاخ علميات اٿاريندي آھي. سٺو ڇا آهي؟ خراب ڇا آهي؟ ڪھڙي شئي ڪنھن به عمل کي سٺو يا خراب ٺاھي ٿي؟ انساني قدرٙ (Values) سٺي يا خراب ھجڻ جا ڪير ٺاھي ٿو؟ سٺي ۽ خراب کي ماپڻ جا پيراميٽرس ڪھڙا آھن؟ ھن قسم جا سوالَ فلسفي جي ٽيون نمبر اھم شاخ  اخلاقيات اٿاريندي آھي. خوبصورتي ڇا آهي؟ ڇا خوبصورتي معروض ۾ آھي يا خود انساني اکين جو ڪمال آھي؟ خوبصورتي کي ڪيئن پٙسي سگھجي ٿو؟ ھن قسم جا سوالَ فلسفي جي چوٿون نمبر اھم شاخ جماليات اٿاريندي آھي. دليل ڇا آھي؟ سھي ڳالھ يا دليل ۾ ۽ غلط دليل جي وچ ۾ ڪيئن فرق ڪري سگھجي ٿو؟ ھن قسم جا سوالَ فلسفي جي اھم شاخ منطق اٿاريندو آھي. ۽ ٻيا اهڙا کوڙ سارا سوال جيڪي اسان جھڙي سماجن ۾ اڃا پڇا ئي نه ويا آھن انھن جي جوابن جي کوجنا ۾ فلسفي جون ھي شاخون رڌل ھونديون آھن. وڌيڪ ھر ھڪ شاخ جي الڳ مختصر تفصيل ھيٺ ڏجي ٿي.

  1.  علميات (Epistemology)

                       هي فلسفي جي اھا شاخ آهي، جنهن جو لاڳاپو علم سان آهي. علم ڇا آھي ڪيئن حاصل ڪري سگھجي ٿو؟ اسان جي حواسن کان ويندي عقل علم جي حاصلات ۾ ڪيئن ۽ ڪھڙو ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو؟ علم جي معاملي ۾ عقل تي اعتبار ڪجي يا حواسن تي؟ توهان اھو ڪيئن ڄاڻو ٿا ته توهان ڪجهه ڄاڻو ٿا؟ هي سمورا سوال ھن وقت بلڪل منجهائيندڙ لڳندا پر جڏهن انهن جي اھميت کي ڏسبو ته  دلچسب لڳڻ شروع ٿي ويندا.

     2.  منطق (logic)

                        منطق جو تعلق استدلال سان آهي. منطق سوچڻ جي صحت کي پرکيندو آهي ۽ ان ئي اصول کي لاڳو ڪندو آهي. ڇاڪاڻ ته هر علم کي درست دليلن جي ضرورت هوندي آهي. تنھنڪري هر علم منطق جو محتاج آهي.

منطق ٻن حصن ۾ ورهايل آهن.

  1.  منطق استقراري  (Inductive logic)  ۽
  2.  منطق استخراجي (Deductive logic)

      3. مابعدالطبيعات (Metaphysics)

                         هن شاخ جو تعلق انساني فطرت يعني سمورين حقيقتن کي سمجهڻ سان لاڳاپل آهي. آخري يا حتمي سچ ڪھڙو آھي؟ سچ آھي به يا ناھي؟ ڪائنات جي سچائي ڪھڙي آھي؟ خدا ڇا آھي جيڪي به ماروائي جسم شيون آھن. انھن متعلق سوال اٿارڻ ۽ ڳالھ ٻولھ ڪرڻ ھن شاخ جو محبوب مشغلو آھي.

     4.  اخلاقيات (Ethics)

                         اخلاقيات جو ڪم سماج ۾ رائج اخلاقي قدرن جي صحت جانچنڻ سان گڏ انھن کي رائج ڪرڻ جي طريقن سان لاڳاپيل آھي. جنهن ۾ سٺائي برائي ۽ ان جي معيار کي پرکيو ويندو آهي. 

    5.  جماليات (Aesthetics)

                      هن شاخ ۾ حسن تي بحث ڪيو ويندو آهي. ھن شاخ جو گھرو تعلق (Philosophy of Art) سان آھي. جنهن ۾  سنگيت، شاعري، فن ۽ خوبصورتي جھڙي اهم موضوعن کي فلسفياڻي اک سان جانچيو ويندو آھي.

                   تنھن کان پوءِ پاڻ کي فلسفي ۾ دنيا جي منظر نامي تي حاوي شاخ پوليٽيڪل فلاسافي به ملي ٿي. (Political philosophy) جنھن کي سياست جو فلسفو يا فلسفہءِ سيات چئبو آھي. هن شاخ جو ڪم رياست، سياست جي آزادي، انصاف، حق، قانون، نجي ملڪيت خودمختياري  جمھوريت کان ويندي رياست کي ھلائڻ جي طريقن تي بحث ڪيو ويندو آھي .ائين ئي فلسفي اندر ٻيون به ڪيتريون ئي شاخون آهن، جن تي ڪئي ڪتابَ لکيا ويا آھن ۽ اڃان به  لکي سگهجن ٿا. جنھن ۾ سائنس جو فسلفو یا فلسفہءِ سائنس (Philosophy of science)  فلسفهءِ بايولاجي (Philosophy of Biology) ۽ علم جو فلسفو يا فلسفہءِ علم (Philosophy of education) وغيره شامل آھن.

Previous Post Next Post