-->

وجوديت جو فلسفو:تفصيلي تنقيدي جائزو

وجوديت جو فلسفو:تفصيلي تنقيدي جائزو!

وجوديت جو فلسفوتفصيلي تنقيدي جائزو

اظھر علي

ھيءُ ڪتاب" وجوديت جو فلسفو "،اپريل، 2022،۾  پيڪاڪ پبلشرس طرفان ڇاپيو ويو آھي.جنھن جو مصنف فلسفي جو انتھائي پيارو استاد سائين نويد سنديلو صاحب آھي. فلسفي ڊپارٽمينٽ جي ڇھين سيمسٽر جي طالبِ علم ھئڻ ڪري سائين جن کان علمِ لقاءُ (Phenomenology)۽ موجوده وقت ساختيات ۽ ساختيات-پڄاڻا(structuralism & post-structuralism)سان-گڏوگڏ وجوديت(Existentialism) بہ پڙھي رھيو آھيان.

پنھنجي تفصيلي تنقيدي جائزي طرف وڌڻ کان پھريان اسان کي مختصرن اھو سمجھڻو پوندو تہ ھيءُ لاڙو آخر ڪٿان ڪيئن ۽ ڇو پيدا ٿيو.

  بنيادي طور تي يورپ اندر ويھين صديءٙ جي اڌ ۾ ھڪ لاڙو یا رجھان  پيدا ٿيو،جنھن کي اڄ  جديديت يا ماڊرنزم طور سڃاتو وڃي ٿو.ادب يا اديب کي اھو محسوس ٿيو تہ ترقي پسند ادب سوچ يا فڪر جي نعري ۽ نالي ھيٺ انسان مڪمل طور تي پنھنجي وجود کان خارجي یا ٻاھرين دنيا تي ڌيان مرڪوز ڪري ڇڏيو آھي،جاتي ڇڙو سياسي سماجي ۽ طبقاتي جنگ کي ئي پنھنجي اندر ۾ جڳھ ڏئي رھيو آھي.اھڙي طرح ترقي پسند ادب ۾ جديديت بقول سندن پراڻ پسندي جاتي صرف معروضي حالتن کي جڳھ ڏني ويندي ھئي،اتي ھنن انساني موضوع يا داخلي تضادات احساسات تي ڌيان مرڪوز ڪندي ترقي پسند ادب جي انھيءَ خارجي دنيا کان بغاوت ڪندي انسان جي داخلي لقاءٙ تي ڌيان مرڪوز ڪيو.جنھن کانپوءِ ادب ۾ جديديت جي رجھان ۾وجوديت Existentialism"علامت نگاري "Newhumanism"،سيوريلزم"surrealism"،استقباليت"Futurism"،نئي انسان  دوستي"symbolism"ياجنسيت"sexaualism"جھڙا لاڙا متعارف ٿيندا ويا.پر ھن جائزي ۾ پاڻ وجوديت کي ادبي رجھان بجاءِ ھڪ مڪمل فلسفياڻہ قائدي طور سمجھي ۽ انھي مٿان تعميري تـنقيدي جائزو وٺنداسين.

بنیادي طور تي ھن ڪتاب ۾ "وجوديت ڇا کي ٿو چئجي؟"کانپوءِ  مذھبي ۽ ملحد وجوديت واد فلسفين جي وجوديت متعلق فڪر کي آشڪار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي اھي.جنھن ۾ بليز پاسڪل،سورين ڪيرڪيگارڊ،ڪارل بارٿ،پال ٽچ،رڊولف بلٽمن،نڪولائي-بردوف،ايڊمنڊ ھسرل،فريڊرڪ'نٽشي،ڪارل-ياسپرس،جبريل مارسل،مارٽن ھائيڊيگر،يان پال سارتر، البرٽ ڪاميو ۽ آخر ۾  مختصر مضمون ۾" ادب ۾ وجوديت پسندي,جي عنوان سان ادب ۾ موجود وجوديتي لاڙي کي آشڪار ڪيو ويو آھي.

وجوديت بنيادي طور تي معروض "Object"کي موضوع "subject" کان الڳ تصور ڪندي،معروض بجاءِ موضوع طرف ڌيان ڇڪائي ٿي.جيئن مضمون "وجوديت ڇا کي ٿو چئجي ؟" ڪتاب ۾ ليکڪ صفحي نمبر 44، تي لکي ٿو تہ "ھن فڪر(وجوديت) ۾ مجرد 'Abstract "يا فطرت ۽ عام دنيا جي بدران"اڪيلي فرد"کي امتيازي حيثيت آھي.ان سان گڏوگڏ اھو بہ چئي سگھون ٿا تہ وجوديت، فلسفي جي دنيا ۾ اڀريل ھڪ اھڙو نظريو آھي،جنھن مطابق ھن بي معنىٰ دنيا ۾ انسان آزاد ۽ پنھنجي عملن لاءِ پاڻ جوابدار آھي.ھڪ تحريڪ جي حيثيت ۾ جيئن مٿي چئي آيا آھيون ان جو سڄو زور "انفرادي وجود"جي داخلي مسئلن انفرادي آزادي ۽ انساني نفسياتي ورتائن جي سندس سماجي روين تي پوندڙ اثر جو تجزيو ڪرڻ ھوـ"يعني، ھن تحريڪ اندر فرد جي انفرادي حيثيت يا وجود طور سڃاڻپ يا وجود کي ھستي سان ملائڻ جو نعرو آھي ۽ اھو نعرو معروض ۾ پيل ھر شيءِ جنھن ۾ "Life world"آھي.جنھن ۾ سماج آھي،سماجي اصول ۽مختلف فڪرٙآھن ۽ ترقي پسند ادب آھي،جيڪو انھيءَ سماج ۾ موجود مڪمل معروض آھي.

صفحي نمبر 44، تي جيئن اظھار ڪيو ويو آھي تہ"وجوديت جو فڪر پڻ جديد صنعتي  ۽ ٽيڪنيڪي دور،سائينسيت،ثبوتيت پسندي،۽ ھلندڙ عوامي تحريڪن جي غير شخصي نوعيت جي خلاف پڻ بغاوت آھي.انھن جي نظر ۾ صنعتي معاشري"فرد "کي مشين جي ماتحت بڻايو ٿي.ماڻھو مشين جو پُرزو بڻجڻ جي ڊپ ۾ ويڙھيل ھو.ھي فڪري تحريڪ فاشزم،ڪميونزم (سام واد)۽ سامراجيت جي وڏي واڪي مخالفت ڪري ٿي."

يعني جيئن ماضي قريب ۾ برطانوي تجربيت پسندي "British empiricism" (جنھن ۾ جون لاڪ,جارج برڪلي ۽ ڊيوڊ ھيوم  اچي وڃن ٿا)ردِ انقلاب ٿي بيٺا ۽ ڊيوڊ ھيوم سائنس،خدا ۽ اخلاقيات جا تختا ئي ڪڍي ڇڏيا. عمانيوئل ڪانٽ پنھنجي مشھور "Essay" روشن خيالي ڇا آھي؟" "? What is Enlightenment " ۾ انقلاب بجاءِ ارتقائي "Evolutionary" طريقي تي قائل ڪري ٿو. روشن خيالي جي وضاحت ڪندي عمانيوئل ڪانٽ لکي ٿو تہ"روشن خيالي انسان جي خودساختہ مڙھيل (Self-incurred)،نابالغي( immaturity)کان اُڀار آھي.ٻين جي ساھتا بغير  پنھنجي سمجھہ (understanding) کي نہ استعمال ڪري سگھڻ،نابالغي آھي.جيڪڏھن  سندس سٙبٙبُ سمجھ جي اُڻاٺ ناھي،پر ٻين جي ساھتا بغير  ارادي ۽ ھمت( Resolution & courge) جي اڻاٺ ڪري(سمجھ)استعمال نہ ڪري سگھڻ آھي،تہ نابالغي خودساختہ(self-incurred)آھي.

روشن خيالي جو مقصد (Motto) پنھنجي سمجھ کي استعمال ڪرڻ جي ھمت آھي."®️1

۽ اڳتي روشن خيالي سبب پيدا ٿيل انقلاب ۽ انھن ۾ ناڪاري تبديلي جـنھن کي وجوديت واد بہ سڏيو وڃي ٿو، ان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي ساڳئي مضمون ۾ ڪانٽ لکي ٿو تہ"انقلاب ڀلي آمريتي راڄ ۽ طاقت جي تلاش ۾ ظلم جو خاتمو آڻي، پر اھو ڪڏھن بہ سوچ جي درست اصلاح ۾ واڌارو نہ ٿو ڪري سگھي ®️2

تنھنڪري اھو سڀ ڪرڻ لاءِ عقل جي آزادي لازمي آھي، پر بقول ڪانٽ عقل تہ ھر جڳھ مُقيد آھي.۽ پوءِ ڪانٽ پنھنجي بورجوا روشن خيالي ذريعي انقلاب کي روڪڻ لاءِ پنھنجي مضمون اندر عقل جي استعمال جا ٻہ قسم ٻڌائي ٿو؛

1) عقل جو عام استعمال  (Public use of reason)

عقل جو عام استعمال ۾ ڪانٽ چوي ٿو تہ اڪيڊمڪ  حدن ۾ رھي ڪري مروج نظام جي نقصن تي تحريرون لکو ۽ انھن تي ڳالھايو ھن عمل ۾ اوھان مڪمل آزاد آھيو.(پر ڪڏھن بہ انقلاب نہ آڻيو ڇو تہ ان سان خونريزي ۽ معاشري ۾ بدنظمي پيدا ٿئي ٿي )

2) عقل جو نجي استعمال (Private use of reason) 

عقل جو نجي استعمال ۾ عمانيوئل ڪانٽ دليل ڏئي ٿو تہ جيڪڏھن اوھان ڪنھن سِول يا ملٽري  عھدي تي آھيو تہ انھي سپرد ڪيل ذميواري کي نقصان رسائڻ بغير اوھان ڀلي ٿوري گھڻي تنقيد ڪيو،پر اوھانجي ان ڊيوٽي "Job"سان وابستہ زميدارين سان وفاداري ھئڻ گھرجي، ۽ انھيءَ دائري ۾ رھي ڪري نجي عقل جو استعمال ڪيو.ڇو تہ  جيڪڏھن ڪنھن پوسٽ " Job" تي ويٺل ڪامورو پنھنجي سينيئر آفيسر يا ڪاموري  طرفان مليل حڪم کي عقل جو استعمال ڪندي مڃڻ کان انڪار ڪري ٿو تہ ان ساڻ  بدنظمي پيدا ٿيندي،تنھنڪري اھو حڪم ھن جي ڊيوٽي جو حصو آھي ۽ کيس بغير سوال جواب جي مڃڻ گھرجي.اھڙي طرح شھرين مٿان لاڳو ڪيل (Tax)  کين ادا ڪرڻ گھرجن ۽ انجو انڪاري نہ ٿيڻ گھرجي.البتہ ھا  تحريري طور ان خلاف ڳالھائي سگھجي ٿو، پر تنھن ھوندي بہ ان کان لنوائڻ نہ گھرجي.

اھڙي طرح انقلاب جيڪو ڪانٽ لاءِ اڻوڻندڙ آھي،ان جي رستا روڪ ٿي ويندي ۽ ساڳئي نظام اندر انسان  ترقي طرف بہ وڌندو رھندو ۽ امن بہ  قائم رھندو.تہ اھا ھئي ڪانٽ جي بورجوا ردِ انقلاب روشن خيالي جنھن تي اسانجو  اديب ۽ دانشور ايڪويھين صدي ۾ بہ عمل پيرا آھي.۽ ھيگل وري انقلاب کي روڪڻ لاءِ مٿان کان سڌارا آڻي۔ جرمن ھٿان ڪالونائيز ڪيل ڪالونيز ۾ لُٽمار ڪري جرمن جي عوام جي بنيادي ضرورتن جو پيٽ ڀرڻ جي صلاح ڏيندي، دستوري بادشاھت( Constitutional monarch) تي مبني رياست جو قيام  ڪيو." اھڙي نموني وجوديت پسندي انھن ٻنھي رُجھانن کان بہ وڌيڪ خطرناڪ ٿي صرف انساني وٙجود تي توجھ مرڪوز ڪري ردِ انقلاب  ٿي بيٺي .يعني پھرين تہ ھيءٙ ترجبيت پسندي (Empiricism) ذريعي ملندڙ معلومات کي ئي رٙد ڏيو ڇڏي ٿي،جنھن ۾ سائنس سميت حواسن ذريعي حاصل ٿيندڙ جُملي علمٙ (Knowledges) اچيو وڃن. ۽ ٻيو ھي جديديت جنھن ۾ صنعتي انقلاب  (Industrial revolution) سميت فڪري تحريڪون جھڙوڪ; فاشزم(رد ڏيڻ سمجھ ۾ اچي ٿو پر) انقلابي تحريڪ ڪميونزم ۽ روشن خيالي،(Enlightenment)  کي بہ رد ڪريو ڇڏين.

"جيئن فرينڪفرٽ مڪتبہ ۽ فڪر (Frankfurt school of thought) جي مارڪسزم مٿان تنقيد ھئي تہ مارڪس چيو پئي تہ انقلاب صنعتي مرڪزن" Industrial hubs "۾ ايندو  پر ايـئن نہ ٿيو۽ انقلاب تہ اسان وٽ آيو ئي نہ ڇو تہ انقلاب رشيا يا" East"۾ اچي ويو،اسان  وٽ (west) ۾ نہ آيو ۽ مارڪس فيوبارخ تي ياريھين ٿيسز ۾  لکي ٿو تہ،"The philosophers have only interpreted the world, in various " ways. The point, however, is to change it."يعني;فيلسوفن رڳو مختلف طريقن سان دنيا جي تشريح ڪئي آهي.وڌيڪ اھم ڳالھ ان کي تبديل ڪرڻ آھي."

تنھنڪري مارڪس فلسفي کي وڌيڪ ريڊيڪلائيز ڪري فلسفي کي عملي بڻائي عملي ميدان سان ڳنڍيو ۽ فرينڪفرٽ مڪتب فڪر جي فيلسوفن ( اڊرنو ۽ ھوخائمر )موقف اختيار ڪيو تہ  مارڪس فلسفي ۾ سڌارا آڻي کيس عملي تہ  بڻايو پر پوءِ بہ انقلاب اسان وٽ نہ آيو تہ مارڪسزم ناڪام ويو ۽ مارڪس جي  ڪرٽيڪل ٿيوري مان مارڪسزم تہ  ناڪام ويو ھاڻ رھي ڪرٽيڪل ٿيوري تہ اھا ڪرٽيڪل ٿيوري اختيار ڪندي ھنن مارڪسزم تي تنقيدي تير وسائڻ شروع ڪيا.۽ روشن خيالي سميت عقل "Reason"  کي بہ تنقيد جو نشانو بڻايائون.بقول اڊرنو ۽ ھوخائمر قديم يوناني فلسفي ڏندڪٿا (Methodology)مان جان ڇڏائي عقل(Reason)کي آندو ۽ انھيءَ عقل "Reason"خدا کي بہ اڏائي ڇڏيو ۽ جيڪا دعويٰ ٿي رھي ھئي تہ روشن خيالي ذريعي انسان آزاد ٿيڻو ھو وڏا،وڏا خواب ڏيکاريا ويا ھئا. پر ائين تہ ٿيو ڪو نہ لحاظہ روشن خيالي بہ صرف خيالي پُلاءُ ۽ لُٽمار جو ھٿيار (Tool) آھي.مختصر ھيءُ تہ مارڪس جي تبديل شده فلسفو بہ دنيا کي نہ مٽائي سگھيو،تنھنڪري ھاڻ اچو تہ فلسفي مٿان بہ سوال اٿاريون ۽ ان مٿان بہ تہ مارڪس جي تبديلي جو فلسفو بہ ڇو دنيا کي تبديل نہ ڪري سگھيو. ۽ پوءِ روشن خيالي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل اڄ جي غيراخلاقي جديد ٽيڪنالاجيءَ سان لٙيس ايٽامڪ طاقت رکندڙ ملڪٙ انھيءَ روشن خيالي کان محروم يا پٺتي پيل  ملڪن جو انھيءَ طاقت جي زور تي استحصال ڪن ٿا تہ  تنھنڪري روشن خيالي وڌيڪ لٽمار ۽ وڳوڙ پيدا ڪري ڇڏيو آھي.

جڏھن تہ اسان مارڪسسٽن جو نقطہ نظر ھيءُ آھي تہ جيڪڏھن روشن خيالي ۾ خاميون آھن،تہ انھيءَ کي جدلياتي طريقي ۾ اھي خاميون بہ روشن خيالي ذريعي ئي دور ٿيڻيون آھن، سندن حل انھيءَ روشن خيالي ۾ ئي پيوستہ آھي.جدلياتي طريقي دعویٰ"Thesis"ردِ دعویٰ "Anti-thesis" ۽ ترڪيب" synthesi"جي اصول تحت ئي  انھيءَ جا سٺا عنصر قبول ڪندي غلط عنصرن کي روڪيندي يا رد ڪندي ترقي طرف وڌڻو آھي.انھي ڏس ۾ روشن خيالي کي ئي رد ڏئي ڇڏڻ انتھائي نامعقول ۽ نامناسب عمل ٿيندو. روشن خيالي جي بچاءٙ ۾ ھن دليل جي پڄاڻي تي ٿٙينڪس ٽُو استادِ محترم بشارت عباسي جنھن پنھنجي طويل ليڪچرن ذريعي اسان کي اھي شيون سمجھڻ قابل بڻايو.

بھرحال ;جيئن تہ ھن ڪتاب جو مصنف صفحي نمبر ،44 تي اظھاري ٿو تہ؛";وجوديت انفراديت جي نالي ۾ "عقل" ۽ فطرت "جھڙن تصورن خلاف بغاوت آھي،جن ارڙھين صديءٙ جي روشن خيالي دوران وڏي قوت سان ڌاڪو ڄمايو ھو.ان کي ڪجھ قدر "جرمن رومانيت"سان ھڪجھڙايون پڻ آھن،جنھن منطقي دانشوراڻي ۽ معروضي خيالن جي بدران جذبن،وجدان ۽ ماڻھو جي داخلي سوچ تي زور ڏنو."

يعني؛ڇو تہ روشن خيالي کي  استحصال جي ھٿيار طور "As tool of exploitaion"استعمال ڪيو ويو، جديد ٽيڪنالاجيءَ ذريعي دنيا فتح ڪئي وئي سائنس "science" ذريعي علم" Knowledge "۾ ھڪ ملڪ برتري حاصل ڪري ٻين مٿان انھيءَ علم جي طاقت جي زور تي سرسي حاصل ڪندي ۽ کين غلام بڻايو، بڻائڻ چاھيو يا بڻائي پيو، تہ پوءِ بجاءِ انھيءَ روشن خياليءٙ اندر ئي انھيءَ جي غلط عنصرن کي بند ڏئي ترقي پسند ۽ تعميري سماج جوڙجي،الٽو انھي سماجي ڪارج پيدا ڪندڙ علم کي ئي رد ڏئي گوشا نشيني اختيار ڪرڻ،انھي عقل جنھن دنيا کي اونداھي واري دؤر مان ڪڍي ھيستائين پھچايو آھي،انھي تي ئي تنقيدي تير وسائي، وجوديتي فلسفي جي تکي ڌار ذریعي ذھن يرغمال بڻائي،منسوخ ڪرڻ،تعميري سماج دشمن سوچ  ۽ فڪر آھي.موضوعي حالات يا موضوعي شعور انسان جي معروض ۾ موجود دنيا جو ئي عڪس ھوندو آھي.جيڪڏھن معروض کي ئي رد ڪبو تہ موضوع محظ خالي گلاس وڃي  بچندو جنھن کي جون لاڪ۔  "Tabula rasa" يا خالي شيٽ سڏي ٿو،جنھن مٿا تجربو ويھي لکي ٿو.

صفحي نمبر  48-49 تي ليکڪ لکي ٿو تہ؛"ڳڻتي وجودي چون ٿا تہ،تڏھن پيدا ٿيندي آھي،جڏھن ماڻھوءَ ۾ پنھنجي زندگي جي بي معنىٰ  جو احساس پيدا ٿيندو آھي.پيڙا ۽ ڳڻتي وجودي نراسائي ڏانھن وٺي وڃن ٿيون ۽ اھو "بحران "ماڻھو جي مستند وجود ۾ "ڇال"ڏيڻ لاءِ تيار ڪري ٿو ."

ھاڻ اگر ٽيڪنيڪل طور تي ڏٺو وڃي تہ"وجود جي بي معنىٰ ٿيڻ جو احساس معروض مان ئي پيدا ٿئي ٿو،جھڙي سماجي بناوٽٙ ( social Structure)ھوندي،وجود تي انھي جا اثرات بہ تھڙا ئي پوندا.ھيءُ وجود کي معروض کان ڪٽي چون ٿا تہ وجود ۾ پيدا ٿيندڙ ذھني ۽ جسماني ڳڻتي آنڌ مانڌ "anxiety" ۽ "Depression"وجود جي پاڻ مرادو پيدا وار "self-creation"آھي،جنھن ۾ ڄڻ معروض جو ڪو عمل داخل ئي ناھي ۽ انھي جو حل وري جديد سائينس ۽ ٽيڪنالاجيءَ کي رد ڏئي اچي مذھبي عقيدي ۾ ڳولھين ٿا.وجودي فلسوفن کي ھن ڪتاب جي ليکڪ سائين نويد سنديلو طرفان تنقيد نگاھ سان ڏٺي بغير انتھائي شاندار نموني لکيو ویو آھي،جن تي اڳتي مختصر ڳالھائبو پر پھريان ھن  ڪتاب ۾ بيان ڪيل وجوديت جي  مُکيہ موضوعن تي ڳالھائڻ ضروري آهي.

"Themes" وجوديت جا اھم موضوع

ھن ڪتاب ۾  پھريان پيش ڪيل وجوديت جو موضوع آھي تہ

1)وجود جوھر کان اڳ آھي (Being is a prior to the essence) 

ياد رھي تہ فلسفی ٿامس اڪوئنس بہ  "On being and essence "تي انتهائي شاندار  ڪتاب لکيو ھو.پر ھتي اسان ھن ڪتاب تي ئي رھڻ کي ترجيح ڏيندا سين. بنيادي طور تي ريني ڊيڪارٽ  لکيو ھو تہ " I think therefore i exist"  آئون سوچان ٿو، تنھنڪري آئون آھيان.مطلب منھنجو جوھر منھنجي وجود کان پھريان آھي.انھي ڳالھ کي رد ڪندي وجودي فلسفين چيو تہ نہ  اسان آھيون ڇو تہ اسان آھيون،مطلب اسانجو وجود اسانجي جوھر کان اڳ آھي.

2)ڳڻتي "Anxiety" يا پيڙا "Anguish "

ھيءُ انسان جي نيستي جو" Nothingness"جو ڊپ dread آھي.

3) بي مقصديت "Absurdity"

بقول وجوديت وادي فلسوفن عطا ڪيل آئو بذاتِ خود وجود آھيان،پر منھنجو پنھنجو وجود بيمقصد ۽ واھيات آھي.

4) نيستي يا سکڻائي" Nothingness"

جوھر جيڪڏھن منھنجي وجود کي بيان ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آھي تہ آئون انھن سڀني کي رد ڪيان ٿو.مٽلن; سائنس،فلسفي ۽ سموري سياسي سماجي نظريا وغيره ـ

5)موت" Death"

نيستي سان ئي وابستہ آھي. نيستي موت جي روپ ۾ وجود جي آخري نيستي آھي. موت جي تلوار انسان مٿان ھر وقت لٽڪي رھي ٿي.بقول سندن تہ زندگي جيئن موت بہ بي مقصد ئي آھي.

6) ويڳاڻپ "Alienation"يا لاتعلقي؛

ھن ۾ ليکڪ مختصرن ٻڌائي ٿو تہ ويڳاڻپ جو شڪار وجود پنھنجي وجود جي ھئڻ سان گڏوگڏ پنھنجو سماجي وجود وڃائي ويھي ٿو.اھو سماج کان ويڳاڻو ٿيو ٿو پوي، پنھنجي ھئڻ جي اصلي معنىٰ  ۽ مقصد کان ويڳاڻو ٿيو  پوي، جيئن صنعتي انقلاب پورھيت کي پنھنجي ھٿ جي پورھئي کان لاتعلق بڻائي ڇڏيو آھي.

ڪتاب پڙھندي ائين محسوس ٿئي ٿو تہ وجوديت جي وضاحت لاءِ  وجوديت جي موضوع تي يا وجوديت جي گرائونڊ ۾ ھلندڙ ميچ جاتي سڀئي فلسفي وجوديت جي راند کيڏي رھيا آھن،ليکڪ انھن مٿان محظ تبصرو یا ڪامينٽري ڪندي نظر اچي ٿو، سندس وجوديت مٿان سموري ڪتاب اندر ڪا بہ اھڙي ٺوس تنقيد نظر نٿي اچي.سائين نويد سنديلو صاحب صفحو 54 ،تي وجوديت جي نقطئہ نظر کي بيان ڪندي لکي ٿو تہ "وجوديت پسند وڌيڪ چون ٿا تہ اسان تاريخ کي حافظي مان ئي ڪڍي ڇڏيو آھي، معنىٰ ڀريل ماضي ۾ کُتل جڙن جو ذري جو بہ احساس ناھي نہ ئي اسان معنىٰ خيز مستقبل ڏانھن پاڻ وک وڌائيندي ڏسون ٿا،نتيجي ۾ اسان ماضي حال يا مستقبل سان واسطو  نٿا رکون."

ھاڻ جيڪڏھن ڏٺو وڃي تہ وجوديت جو فلسفو انسان کي مخصوص عقلي آڌار تي بيانِيو جوڙي ،عقل کي رد ڏئي چوي ٿو تہ معروض (subject )کي ڇڏي موضوع (object )تي توجھ ڏيو;معروض کان وڌيڪ موضوع يا  داخليت توجھ جي حامل آھي.جڏھن ته  صرف داخليت تي توجھ ڏنو ويندو تہ معروضي حالات اسان کان مختلف ٿي ويندا ۽ سماجي اڻبرابري سرمائيدارڻہ  نظام جي نقص، ۽ لوٽِ کٙسوٽ کي نظر انداز ڪري ھر لقاءٙ کي پنھنجي غلطي یا قسمت جو عیبُ قرار ڏئي خدا جي لکئي ۽ ھر چڱي، بُري لقاءٙ کي الله طرفان ڏمر يا مھرباني سان تشبيھ ڏيندي انسان پنھنجي وجود کي ھڪ جلندڙ بٺيءٙ ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿو تہ پوءِ ان حالت ۾ انسان پنھنجي اصلي جوھر يعني سماجي ڪارج  تان دستبراد ٿي پوندو ۽ اھڙي طرح اھو انسان بِلواسط يا بلاوسط ردِ انقلابي ٿي پوندو.تنھنڪري آئون وجوديت کي ھڪ ردِ انقلاب فلسفياڻہ تحريڪ سمجھان ٿو.جنھن کي ليکڪ موضوع سان پنھنجي ذاتي دل چسپي ھئڻ ڪري تنقيد بجاءِ سحر ۾ جڪڙيل ڏسجي ٿو; ۽ اھو ئي سبب آھي جو صفحي نمبر "،56"،تي اھو چئي اچڻ باوجود تہ "وجودين پنھنجي،پنھنجي سوچ آھر جيڪي ڪوششون پئي ورتيون آھن،اسان انھن جي  ڏسيل گس کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ ان سان گڏوگڏ پنھنجا تنقيدي رايا پڻ پيش ڪنداسين" ان کانپوءِ بہ ھن ڪتاب اندر ليکڪ طرفان تنقيدي اک سان شيون ڏسڻ واري دعويٰ جو عملي روپ ڪاٿي بہ نظر نہ آيو.

بليز پاسڪل (1662-1623)

جيئن تہ  آئون اھو ذڪر ڪري چڪو آھيان تہ وجوديت جي موضوع تي توجھ مرڪوز ڪندي پاڻ کي ھڪ بند دائري ۾ بند ڪرڻ کان پوءِ خدا جو سھارو یا يسوح مسيح جي حضور ۾ پاڻ کي پيش ڪن ٿا،سندن جي شخصيت جيڪا معروض جو نتيجو آھي،سندس زندگي سوچ فڪر   پيڙا سڀ معروض جي پيداوار آھن، انھي کي  تعميري تنقيدي ڪري بحث ھيٺ آڻڻ بجاءِ مڪمل طور رد ڪري موضوع تائين محدود ٿيو وڃن ٿا.ھن ٻئي باب ۾ ليکڪ وجوديت تي ٽپٽاپڻي  ڪرڻ کان پوءِ وجود واد  بليز پاسڪل جي مختصر جسماني بناوٽ بيان ڪندي صفحي نمبر 58،تي لکي ٿو تہ "جسماني طور تي ھو ڪمزو ۽ نٻل ھو ۽ سڄي حياتي ڪيترن ئي مرضن جو کاڄ بڻيو.ان سان گڏ ناڪام عشق جي سختين کيس عذاب ڏيندڙ جذباتي ڪشمڪش ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو،نيٺ ھن سائنس مان ھٿ ڪڍي مذھب جي جھولي ۾ پناھ ورتي ۽ باقي رھيل ڄمار علم ڪلام کي ارپي ڇڏي"

مطلب جسمانيت کان ويندي قد ڪاٺ جيڪو جينيٽڪلي اوھانجي والدين کان ورثي طور ملندو آھي، ان کان وٺي کاڌ خوراڪ جي کوٽ يا صحت صحيح نہ ھجڻ ھنن جي ذھنن تي انتهائي نراجيت پسنداڻہ اثر ڇڏيا.ليکڪ ساڳئي صفحي تي بليز متعلق اظھاري ٿو تہ"ھو( بلیز) چوندو ھو تہ انسان خدا کان ڌار ٿي ڪري روحاني اذيت جو شڪار ٿي  وڃي ٿو ۽ ھن کي خدا سان سڌو سنئون رابطو قائم پيدا ڪرڻ سان ئي سڪون ملي سگھي ٿو"

مطلب پيڙا يا قدرت جي ناانصافين جینس (genes )۾ مسئلا جيڪي ان دور ۾ حل طلب نہ ھيا انھيءَ ڪري ھن ھمراھہ خدا ۽ مذھب جو دڳ ورتو.جنھن سائنس کي ھن نديو پئي اھا ترقي ڪندي سڀني بيمارين جي مڙني حل سان گڏو گڏ   "gene editing, or genetic engineering"  ذريعي انسان کي انھيءَ عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏي ٿي،جيڪو انسان کي نراسائي جي ڳھر ۾ وڃي وجودي بحران جو شڪار ڪري وجود واد بڻايو ڇڏي ٿي.ھن یارجو چوڻ ھو تہ "عقل حقيقت کي نٿو ماڻي سگھي  ڇاڪاڻ تہ  عقل جذبي ۽ تخيل جي رحم و ڪرم تي آھي.انسان ذھني پيڙا ۾ ورتل آھي انھي پيڙا جي حالت ۾ ھو سچائي کي ماڻي سگھي ٿو"ص-58" ؛يعني ،ھي عقل (Reason)دشمن،عقليت پسندي (Rationalism)جو ويري,سائنس دشمن ۽ روحاني آڌار تي وجود کي سمجھڻ جو عادي ھو.

جيئن اسانجا صوفي حضرات دعويٰ ڪن ٿا تہ عقل ذريعي ذات حقيقي کي پسڻ ممڪن ناھي،اھڙي طرح ھي صاحب بہ عقل کي  پاسیرو(cornered) ڪري ڇڏي ٿو.

سورين ڪيرڪيگارڊ( 1813-1855)

ھن باب ۾ ليکڪ سائين نويد سنديلو صاحب سورين ڪيرڪيگارڊ جي نجي زندگي، شخصيت ۽ فڪري افڪار کي آشڪار ڪرڻ جي انتھائي زبردست ڪوشش ڪئي آھي پاڻ صفحي نمبر 59، تي لکي ٿو تہ "سندس پي مائيڪل ڪيرڪيگارڊ جٽلينڊ جي ھڪڙي علائقي جو رھندڙ ھاري ھو، جنھن جو ننڍپڻ گھڻي غريبي حال ۾ گذريو ھو"مطلب تہ ھن جي شخصيت تي غربت سان گڏوگڏ سندس ذھن تي خانداني زندگي جا بہ گھرا اثر مرتب ٿيا ھیا.

جيئن صفحي نمبر 59۽ 60 تي ليکڪ لکي ٿو تہ"سورين ڪيرڪيگارڊ جي ماءُ سندس پيءُ مائيڪل جي ٻي زال ھئي.جيڪا ھن جي پھرين زال جي نوڪرياڻي ھئي.زال جي موت تي مائيڪل ڪيرڪيگارڊ نوجوان نوڪرياڻي سان زوريءَ زنا ڪئي ۽ جڏھن ھو پيٽ سان ٿي تہ  ان سان نڪاح ڪري ڇڏيائين.سورين ماءُ ۽ پيءُ جي انھي پاپ واري ڪريل حرڪت کي سڄي عمر معاف نہ ڪيو."

اھڙيءَ طرح سندس زندگيءٙ ۾ مذھب جو اثر رسوخ سان گڏوگڏ گناھ ۽ ثواب وارا عنصر بہ نمايا ملن ٿا ۽ کيس ننڍي ڄمار ۾ موت جي ڳڻتي بہ اصل جڪڙي ڇڏيو، ليکڪ سندس متعلق صفحي نمبر 60، تي لکي ٿو تہ "جڏھن سندس وڏا ڀائر جواني ۾ ھڪٻئي پٺيا مرندا ويا تہ سورين جو اھو عقيدو اڃان بہ وڌيڪ پختو ٿي ويو تہ  ھن جي والدين جي گناھ جي ڪري سڄو ڪٽنب تباھ ٿي ويندو ۽ ان وھم ۾ وڪوڙجي ويو تہ ھو بہ جواني ۾ موت جي منھن  پوندو ۽ پيءُ جي مُئي پڄاڻان مري ويندو.ھو ھڪ ھنڌ لکي ٿو تہ آئون "چوٽيھہٙ سالن جي ڄمار ماڻي مري ويـندس"مطلب ھي ھمراھ نج وسوسن ۽ مذھبي توھم پرستي گناھ ۽ ثواب وري ڄار ۾ مڪمل طور  تي جڪڙيل ڏسجي ٿو. ڪيرڪيگارڊ مٿان اھي اثر سندس زندگي جي آخري گھڻي تائين بہ نمايا ڏسي سگھجن ٿا.

سندس خيال ۾ سوفسطائي سان مماثلت يا سچ متعلق   نسبتي ( Relative) وارو رجھان به  سندس لکڻي مان پٙسي سگھجي ٿو،"ھن(ڪيرڪيگارڊ) جو چوڻ ھو تہ 'داخليت ئي سچائي آھي.جڏھن داخلي کي سچائي مڃيو ويندو تہ ھر ماڻھوءَ جي سچائي  جو تصور ان سان گڏ خاص ھوندو.انھي صورت ۾ ھر ماڻھوءَ انھيءَ سوچ کي سچائي سمجھندو جيڪا سندس ذاتي راءِ جي تصديق ڪندي "نيڪي اھا آھي،جنھن کي آئون نيڪي سمجھان ٿو  سچ اھو آھي جنھن کي آئون سچ سمجھان ٿو"ص،63

ھي پڙھندي ذھن تي سقراط کان پھريان جو  مشھور سوفسطائي "Sophist" فلسفی پروٽاگورس (Protagoras) اڀري آيو جنھن چيو ھو تہ"What is true for you, is true for you,what is true for me ,is true for me"

يعني :جيڪو توھانجي لاءِ سچ آھي،اھو توھانجو سچ آھي، جيڪو منھنجي لاءِ سچ آھي اھو منھنجو سچ آھي" انھيءَ ڏس ۾ ھڪڙو ٻيو مثال ھيءُ بہ  آھي تہ صفحو نمبر ،71 تي ليکڪ لکي ٿو تہ"ڪيرڪيگارڊ چيو تہ  سچ داخليت آھي. ـ ـ۔ ۔ ۔ ۔ ازلي سچ انفرادي وجود سان لاڳا پيل آھي" يعني تہ  بنيادي ڳالھ ھتي ھيءُ ڪرڻ چاھي پيو تہ  ھر وجود جو پنھنجو، پنھنجو  سچ ٿئي ٿو.

تہ وري رگينا اوليسن سان محبت ۾ ناڪامي بہ سندس ذھن جا تختا ڪڍي ڇڏيا.سندس سان مڱڻي ڪري ۽ ھٿ ڪڍندي اظھاري ٿو تہ "منھنجي اندر مان آواز آيو تہ ھن ڇوڪري مان ھٿ ڪٙڍ اھا ئي تنھنجي سزا آھي"( ص؛64-65)

جيئن ريني ڊيڪارڊ چیو آئون سوچيان ٿو،انھي ڪري مان آھيان. ڪيرڪيگارڊ چیو تہ  آئون آھيان ڇاڪاڻ تہ آئون موجود آھيان" سوچڻ جي ڳالھ ھيءٙ آھي تہ ھنن مٿان اثر انداز معروضي حالتون ٿين پيون ۽ ھي چون ٿا تہ وجود اسانجو موضوعي مسئلو آھي.ڪيرڪيگارڊ وٽ بہ آخري سھاري جو لڪڻ مذھب ئي وڃي بچي ٿو ان جا الفاظ ليکڪ ھن ڪتاب جي صفحي نمبر 72، تي لکي ٿو تہ"انسان جي اصلي فطرت لامحدود خدا سان رشتو لازمي طور  جوڙي ٿي ،ھن جي وجودي حالت خدا کان ويڳاڻپ جو نتيجو آھي، پوءِ جيڪڏھن ماڻھو جا عمل کيس خدا کان۔اڃان بہ  گھڻو پري وٺي وڃن ٿا،ھن جي نراسائي ۽ ويڳاڻپ وڌي ويندي آھي."انھي کان علاوہ، منھنجي تنقيد ھن ڪتاب جي  مصنف مٿان ھيءٙ بہ آھي تہ ھڪ تہ  فلسفو  بذاتِ خود ڏکيو ۽ پيچيده مضمون آھي، ٻيو انھيءَ ۾ وري ادبي ٺيٺ سنڌي الفاظن ۾ تشبيھون پيش ڪري سمجھائڻ جو ليکڪ  طرفان ڪيل  تجربو ناڪام ڏسجي ٿو ڇو تہ  اھو تجربو فلسفياڻي لکت  (text) کي وڌيڪ ڏکيو ۽  غيرواضح بڻائي ڇڏي ٿو.

بنيادي مقدمو ھي تہ جيڪڏھن ڏٺو وڃي تہ وجوديت پسند فلسفين  معروض کي نظر انداز ڪندي انسان کي سوال ھيٺ آڻي انھيءَ جي تضاد کي سمجھڻ ۽بچائڻ  (Rescue) ڪرڻ جي جُھد ۾ واپس  موضوع طرف آيا.

معروض ۾ موجود سائينس جيڪا (Empirical data) تي مٙبني ھئي،انھي تي تنقيدي تير وسائي ٻي مھاڀاري لڙائي لڳڻ کانپوءِ عقل(Reason )کي بہ تنقيدٙ ھيٺ آندائون تہ جيئن عقل (Reason) ۽ سائنس ذريعي انسان کي بچائڻو(Rescue )ھيو، تہ سماج جديد طريقي طرف وڌڻو ھيو پر انھيءَ عقل( Reason) ،سائنس  ۽ ٽيڪنالاجيءَ تہ انسان کي وڌيڪ پاڻ کان ويڳاڻو بڻائي عالمِ انسانيت لاءِ خطرو پيدا ڪري ڇڏيو آھي.۽ ھنن عقل (Reason ) جي ذريعي حاصل ڪيل روشن خیالي(Enlightenment) سميت جديديت،سائنس ٽيڪنالاجيءَ ،صنعتي انقلاب۽ مارڪسواد کي ڳوڙھي تنقيد جو نشانو بڻايو، ھنن انساني وجود جيڪو بذاتِ خود موضوع کان سواءِ ڪجھ ناھي، ان وجود کي خطري ۾ وجھي ڇڏيو آھي.۽ وجود کي پنھنجي ذات کان ويڳاڻو ڪري ذھني طور يرغمال بڻائي مشيني پرزو بڻائي ڇڏيو آھي.وجوديت واد فلسفي جنھن انساني وجود  Human) existence )کي وجودي بحران مان ڪڍي حل ڏيڻ جي دعويٰ پئي ڪئي انھن انساني وجود کي موضوع (subject)جي پُل تان ويھي خارجي سماج کي خطرو قرار ڏئي خارج(eliminate )ڪري محدود(squeeze)ڪندي، نراجيت پسنديءٙ (Pessimism)جي گول دائري ۾بند ڪري ڇڏيو آھي. نتیجي طور فلسفي ۾ ھن رجحان جو انسان نراجيت پسند جي قيد مان نڪري ڪڏھن بہ تعمیري سماجي ڪارج جوڙي نٿو سگھي.جيڪڏھن ڪو بہ فلسفو معروض کي موضوع کان الڳ ڪري سماج طرفان وجود تي اثر وجھندڙ سياسي ۽ سماجي نابرابري کي  نظر انداز ڪري انسان وجود جي ھر  لقاءٙ کي ذاتي وارتائون سمجھڻ ۽ حل جي ڪوشش ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ٿو تہ اھا دعويٰ محظ دعويٰ،ڌوڪو،چالبازي ۽ ڪٙج فھمي آھي.

ھن وقت انساني وجود لاءِ  سڀ کان وڏو خطرو جيڪو انسان کي سماج سان جڙڻ ۽ تبديل ڪرڻ کان روڪي ٿو اھو بذاتِ خود وجوديت  جي فلسفي طرفان پيدا ڪيل نراجيت پسندي(pessimism ) يا نراجيت پسند انسان آھي.

ڪارل بارٿ (1886-1968 )

ھن باب اندر ليکڪ مختصرن ڪارل بارٿ جي فڪر ۾ وجودي افڪار تي لکي ٿو تہ جنھن ۾ جيڪڏھن ڏٺو وڃي تہ  ڪارل بارٿ جو اھو نظريو  ھو تہ خدا انسان کان مڪمل طور تي مختلف ۽ الڳ آھي.فاني عقل  نڪي ان ڳالھ جو آسرو ڪري سگھي ٿو نہ ئي وري ان جي اھل آھي تہ ھن جو ادارڪ ڪري سگھي  يا انھيءَ کي سمجھائي سگھيو آھي.يعني ھيءُ وجودیت واد فلسفي بہ  عقل جي بُري طرح سان نِندا ڪري ٿو.

پال ٽلچ (1965-1886)

ھن باب ۾ جرمن آمريڪي فلسفي ٽلچ جي مختصر بايوگرافيڪل نوٽ کانپوءِ ليکڪ مھارت سان سندس فلسفي کي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.پاڻ صفحي نمبر 89، تي لکي ٿو تہ "سندس خيال ۾ خدا جي وجود بابت اظھار  ۽ انڪشاف وارا دليل انسان جي پنھنجي ذات ۾ موجود آھن."

ھيءُ فلسفي نراس ھوندي بہ  ٿورو اميد پسند ڏسجي ٿو جيئن "صفحي نمبر 89،تي ٽلچ جي خيال کي ليکڪ  لکيو آھي تہ "حقيقي  زندگي  جي سمورين تڪليفن ۽ڀوڳنائن جي ھوندي بہ  ان کي" ھا" چوڻ آھي."يعني ٽلچ ۾ ڪجھ مثبت اميد پسنداڻہ لاڙا ( Optimistic tendencies) سندس فڪر ۾ ڪنھن حد تائين نظر اچن ٿا.پر تنھن ھوندي بہ ھنن جي انسان کي بچائڻ واري جنگ ماتِ کائيندي ڏسجي ٿي.

صفحي نمبر 92 ۾ ليکڪ لکي ٿو تہ "ٽلچ جي خيال ۾ جديد دور کوکلائپ ۽بي معنىٰ جو دور آھي.اڄوڪي  دنيا روحاني سڃائي جي انڌاري اڳيان بيٺل آھي...اڄوڪي دور جي انسان پنھنجو روحاني مرڪز وڃائي ڇڏيو آھي..........شديد پيڙا بيچيني ذھني آنڌ مانڌ ولوڙ ھار ۽ خود فريبي جي ور چڙھيل  اڄوڪي دور جو انسان  سڪون جي ڳولھا ۾ آھي، پر اھو کيس نئين دور جي  سائنس ۽ فلسفي  ۾ ڪٿي نٿو ملي،جيڪڏھن اھو  مِلي سگھي ٿو تہ  رڳو ان روحاني مرڪز ۾ جيڪو کيس پنھنجي اندر ڳولھيندو رھي."مطلب ھاڻ انسان کي سڀئي ترقي پسند لاڙا ڇڏي انسان روحانيات طرف موٽي وڃڻ گھرجي ڇو تہ کيس من جي تسڪين وٺڻي آھي.

روڊولف بلٽن (1884-1976)

ھن باب ۾ ليکڪ روڊولف بلٽن جي مختصر تعارف تي لکڻ کانپوءِ سندس فڪر تي روشني وجھي ٿو.جيڪڏھن روڊولف بلٽن جي فلسفي جو تت  ڪڍجي تہ اھو تت ھيءُ آھي تہ ھيءُ ھمراھ وري عيسائيت کي جديد روپ ڏيڻ جي عمل ۾  رڌل ڏسجي ٿو.

نڪولائي بردوف( 1874-1948)

نڪولائي بردوف وري وجودي فلسفي ذريعي انسان جي آزادي جي گھر ڪري ٿو.صفحي نمبر 97،تي ھن ڪتاب جو مصنف سائين نويد سنديلو صاحب لکي ٿو تہ " بردوف جي آزادي جي فلسفي جو محور ۽ بنياد انسان جو تصور  انساني  جوھر ۽ ان جي قسمت آھي"جيئـن تہ  ھن ڪتاب ۾ لکيل آھي تہ نڪولائي بردوف ٽن قسمن جي جبر جي ڳالھ ڪري ٿو.

فطرت جو جبر:

"بردوف جي خيال ۾ جبر فطرت جي مٿان راڄ ڪري ٿو، ماڻھو ڪيترن ئي حوالن کان ڪائنات سان ٻڌو پيو آھي، ھن جي مٿان فطري جبريت جو راڄ آھي"(ص ؛97) يعني، جڏھن فطرت اسان مٿان راڄ يا حڪومت ڪري ٿي تہ  اھو اسان مٿان اسانجي آزدي جو انڪار ۽ فطرت طرفان جبر آھي.

سماج جو جبر؛

انھيءَ کانپوءِ سماج جو جبر آھي، سماج کانسواءِ انسان ٻين شين سان گڏ پنھنجي شخصيت جو الڳ خيال بہ ڪري نٿو سگھي.انھي ڪري انسان سماج جي جبر جو شڪار آھي.مطلب تہ سماج بہ اسان مٿان اثر انداز ٿئي ٿو، تنھنڪري اسانجي شخصيت مٿان سماج جو جبر آھي.۽ بردوف جنھن انسان جي جبر جي ڳالھ ڪري ٿو تہ انھيءَ آزادي جي تصور جو حل وري انتھائي عجب ۾ وجھندڙ آھي انھيءَ جو حل  "ص 102،تي ليکڪ لکي ٿو تہ " بردوف ھڪ ٽئين قسم جي جماعت جو ذڪر ڪري ٿو جيڪا ھن جي خيال ۾ حقيقي طور روحاني spiritual" آھي،يعني چرچ ھي ان کي وڏي  اھميت ڏي ٿو تہ ڇڙو ھڪ روحاني جماعت ئي انسان کي آزادي ڏئي سگھندي آھي يا حاصل ڪرڻ لاءِ سھائتا ڪندي آھي."

يعني صرف چرچ ئي انسان ذات کي مڙني جبر جي حالتن ۽ غلامين منجھان نجات ڏياري سگھي ٿو.

تہ وري صفحي نمبر 111 ،تي بردوف جا خيالات ڪجھ ھن ريت پڙھڻ ۾ ملن ٿا تہ  "ھي معروضيت جو عمل انسان سندس شخصيت ۽ آزادي جو سڀ کان وڏو ويري آھي، ان معروضيت جي عمل سان چرچ  کي جيڪو ھڪ بيباڪ ھستي روحاني ايڪو ۽ ڀائيچارو  محبت ۽ آزادي آھي. ان کي اقتدار سماجي اداري ۾ جيڪو اندرين ۽ ٻاھرين سطحن تي تضاد ۽ اختلاف جي ور چڙھيل آھي تبديل ڪيو ويو آھي"

يعني معروضيت ۾ پيل ھن جديد دور سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ  جي ڏينھون ڏينھن ترقي ڪرڻ کانپوءِ  فاسفورس شيل، ايٽم بم،ميزائل ۽ مشين گنون( Dive bomber)انساني دشمن ناھن پر ھن نظام اندر انھي جديد شعور کي (instrumental  Rstionality) رکي بحيثيت( means to exploitaion)طور استعمال ڪرڻ انساني دشمن عمل آھي، جيڪا سوچ سرمائيدارڻي سامراج طرفان شعور،علم،ادب ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي لٽ مار ۽ انساني نسل ڪشي لاءِ استعمال ڪرڻ آھي.

ماضيءٙ ۾ يا ھن دور اندر انسان وسيع پيماني تي قتلِ عام ھن دقيانوسي انسان دشمن نظام ڪيو آھي.جيڪو مِٺي سِلوپ پوئزن جيئن انساني رڳن ۾ ڦيلجي آھستي، آھستي ماري فنا ڪري رھيو آھي.انھي مان آزادي بجاءِ بردوف وٽ چرچ جيڪو پنھنجي حيثيت وڃائي ويٺو آھي، انھي کي واپس پنھنجي حيثيت ڏياري ۽ روحاني سڪون حاصل ڪري حقيقي آزادي حاصل ڪرڻ آھي.انھي کان پوءِ بردوف "تھذيب جي جبر" بابت ڳالھائڻ کانپوءِ ليکڪ بردوف جي تاريخ جي جبر متعلق ڳالھائي ٿو. تاريخ جي جبر متعلق  ڳالھائندي صفحي نمبر  108-109 تي لکي ٿو تہ"ماڻھو تاريخ جو خالق آھي ،پر تاريخ ان حيثيت کي بجاءِ ڪنھن  لحاظ ڪرڻ کانسواءِ ھن کي قومي،گروھي،مذھبي،اعتقادي نظرياتي ۽ تصوراتي  جدوجھد ۾ رڳو ٻارڻ ۽ اوزار طور استعمال ڪري ٿي "

بردوف انسان جي آزادي چرچ ۾ تلاشڻ کانپوءِ معروضيت جي سمنڊ ۾ غوطا کائيندي نظر اچي ٿو تہ وري صفحي 112 تي ليکڪ لکي ٿو تہ  "فلسفي  ۽ فلسفياڻن مڪتبن ۾ غير شخصيت ۽ انساني شخصيت جي ويڳاڻپ ھڪ وڏو  مُنجھيل ۽ پيچيدو مسئلو بڻجي اڀري ٿو،بردوف ان بنياد تي خيال واد،فطرت واد،تجربيت ۽ ماديت کي انسانيت  مار سڏيو آھي"

خير بردروف جو فڪر تہ پنھنجي جڳھ تي، پر ليکڪ سائين نويد سنديلو پاران لکيل ھڪ خيال انتھائي حيران ڪيو.پاڻ بردوف کي جي ايم سيد سان ڀيٽيندي صفحي نمبر 116 تي  لکي ٿو تہ "جي ايم سيد  وانگي  بردوف بہ ان خيال جو سخت حامي آھي تہ  ھي ڪائنات مڪمل ناھي  اڻپوري  ۽ ارتقا ڪندڙ آھي"ھاڻ ھتي جي ايم سيد جو بردوف سان ڀيٽ ھڪ ننڍي ڳالھ کي بيان ڪرڻ لاءِ بنھہ ٻاراڻي رٙوش ۽ سيد سان دلي وابستگي جو ڏس ڏئي ٿي. ھئڻ تي ائين کپندو ھو جو ھو بردوف کي  ڪنھن فلسفي سان  ڀيٽائندي سندس فڪر سمجھائڻ جي ڪوشش ڪري ھان ڇو تہ ڀيٽ( comparison) ھميشہ ڪن ھڪ جھڙين ۽ برابر شين جي ٿيندي آھي۔ جيڪڏھن آئون چوان تہ نيلسن منڊيلا بہ  سيد زين شاھ وانگي صابرين ماڻھو ھو تہ  ھيءٙ  ڀيٽ انتھائي غيرعقلي چئبي.تنھڪري ڪتاب اندر ھيءٙ ڀيٽ دراصل  ٺھي ڪان پئي ۽ ائين محسوس ٿيو تہ لیکڪ محظ انھي مشھور يا مقبول ماڻھون سان وابستا عوام جي دل کٽڻ لاءِ ھيءُ ڪري رھيو آھي.جيڪڏھن ڏٺو وڃي تہ ھي ڪتاب پنھنجو پاڻ ۾ آھي تہ وجوديت مٿان  ڪامنٽري پر  تنھن ھوندي بہ ليکڪ پاران بردوف جو بيان ڪيل فلسفو سائينءَ جي ڪوششن  باوجود بہ  تقريبن منجھيل ۽  مبھم لڳو.

ايڊمنڊ ھسرل (1859-1938)

ھن باب ۾ ليکڪ ھسرل جي مختصر زندگي تي لکڻ کانپوءِ ان جي فلسفي ۽ يورپ جي بحران متعلق فڪري تنقيد تي لکي ٿو."ھسرل بحران کي بطور"عقليت پسندي جو ٽٽڻ لڳي ٿو"بيان ڪيو ھو ۽ انساني  عقل کي بچائڻ"ڄڻ ھن پنھنجي پوري زندگي جو مقصد ٺاھيو ھسرل جي مطابق انساني عقل کي ڪھڙي شئي کان بچائي سگھجي ٿو،ھي پنھنجي منظريات لاءِ پسمنظر پيش ڪري ٿو"(ص 126)

ھسرل بنيادي طور تي سائينس ۽ فلسفي جي بحران تي لکي ٿو ۽ مظھريات جي علم  تي حيرت انگيز حد تائين ڪم ڪري ٿو. جديديت ۽ سائينس بقول ھسرل انسان کي وڏي انڌوڪار ۾ اڇلائي ڦٽو ڪري ڇڏيو آھي.جيئن ھن ڪتاب جو مصنف  صفحي نمبر 136 ,تي لکي ٿو تہ"ھسرل فلسفيءٙ، مظھرياتدان کي مختلف قسم جي  فطري سائينسن جي غلبي ھيٺ نڪتي نظر  کان آجو  ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي"

ھن باب ۾ آئون بحيثيت پڙھندڙ طور اھو چوان ٿو تہ ليکڪ ھسرل جا اھم بنيادي  ميٿڊ جنھن ۾ " ارادي ۽ "مظھرياتي ايپوڪ"  کي واضع انداز ۾ بيان  ڪرڻ ۾ ناڪام  ويو آھي.

فريڊرڪ نٽشي (1844-1900)

بنيادي طور جيڪڏھن ڏٺو وڃي تہ نٽشي انھن فلسفين منجھا آھي،جن فلسفي ۾ روايت پسندي جو انڪار ڪيو.ھن جا مشھور الفاظ آھن تہ" خدا مري ویو آھي"جيڪي الفاظ ھو پنھنجي ڪتاب (joyful wisdom) ۾ انھي ڪردار جي واتان چورائي ٿو،جيڪو لالٽين کنيو خدا کي ڳولھيندو وتي ٿو پر کيس خدا ڪاٿي بہ نظر ڪون ٿو اچي ۽ چوي ٿو تہ"خدا مري ويو آھي"خدا جنھن کي (Noumenon)۾ رکي نہ اقرار ۽ نہ انڪار ڪندي سندس وجود عمانيوئل ڪانٽ،ڊيوڊ ھيوم کان بچايو ھو تہ جيئن معاشري ۾ سٺي ۽ خراب  Good) (& evil جو خیال بچائي سگھجي تہ جيئن معاشرو انارڪي يا انتشار جو شڪار نہ ٿئي ۽ خدا سان منسوب ٿيل اخلاقيات جو  ؐخیال (concept) بہ بچي پوي تہ معاشري ۾ نظم و ضبط قائم رھي سگھي،انھي کي نٽشي ھڪ ڌڪ سان اڏائي ڇڏيو.ھاڻ نٽشي جي بقول جيڪڏھن خدا ناھي تہ پوءِ ڇا بچيو؟ جواب اھو معاشرو جيڪا بغير اخلاقيات جي آھي .ڇو تہ سٺي ۽ خراب، جزا ۽ سزا جو خیال تہ خدا سان منسوب آھي،جيڪڏھن خدائي مري چڪو تہ ان سان گڏ اھي خیالٙ بہ تہ مري ويا.تنھڪري بقول نٽشي خدا جي غيرموجودگي انسان کي آزاد بڻائي ڇڏي ٿي، ھاڻ انسان پاڻ پنھنجا رستا ھموار ڪري سگھي ٿو ۽ پنھنجا ذاتي يا سماجي قدرٙ جوڙ  انسان خودمختيار ٿي سگھي ٿو.سندس ڪتاب (Thus Spake Zaruthustra (1883–92) ۾ پاڻ( Übermensch or ‘Super-Man )،کي بيان ڪري ٿو مروج عام رواجي اخلاقيات جي بجاءِ انھن کان اڳتي نڪري پنھنجو پاڻ۔ قدر"value "ٺاھي ٿو. ۽ سپر  مين اھا ھستي آھي ،جيڪا سٺائي ۽ برائي ٻنھي کان مٿائي آھي.تنھڪري جيڪڏھن ڏٺو وڃي تہ  نٽشي متاثر ته شوپنھار کان ٿيل آھي،پر شوپنھار جي فلسفي ۾ اوھانکي ٿورو امید پسندي (optimism) ۽ نٽشي جي فلسفي ۾ مڪمل نراجیت پسندي (pessimism)ملندي.

ھن ڪتاب ۾ ليکڪ نٽشي جي مختلف ڪتابن جا حوالا ڏيندي سندس فڪر کي آشڪار ڪرڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي آھي،پر جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته  نٽشي جي اخلاقيات خلاف روش تي ليکڪ جو  تنقيدي قلم خاموش ڏسڻ ۾ اچي ٿو.تہ وري صفحي نمبر 102، تي نٽشي پاران جمھوريت برابري ۽ اشتراڪيت کي انسان دشمن ڪوٺڻ تي انھي فڪرن کي چيلھ ۾ سطحي لڳايل ڌڪ کان بچاءٙ ڪرڻ بجاءِ ھو نٽشي جي انھي خيال تي تہ اشتراڪيت عورت پڻي جو لب لباب آھي ۽ عورت پڻو وري جمھوريت جو "تي ڏمريل ۽ پنھنجي راءِ جو برملا اظھار ڪندي چيو ڏي تہ"اسانجي خيال ۾ اشتراڪيت ۽ جمھوريت کي عورت پڻي سان ڀيٽيندي نٽشي عورت جي تقدس کي پائمال ڪيو ھو ھن جي روح کي رنجائڻ جي اجائي ڪوشش ڪئي... "جھڙا تنقيدي خيالن کي اظھاريندي وڌيڪ لکي ٿو تہ ڇاڪاڻ نٽشي وٽ عورت جو تصور محدود سوچ تي ٻڌل ھو ۽ ھو ھن کي مرد جي ڀيٽ ۾ روايتي پاروٿي فڪر ۽ مدي خارج مرداڻي سماج جو پيروڪار ھو" چئي ناريواد فيمينزم جو دفاع ڪندي نظر اچي ٿو.

ڪارل ياسپرس (1883-1983)

  ھن باب ۾ ڪار ياسپرس جي زندگي تي روشني وجھڻ کانپوءِ ليکڪ صفحي 155 ،تي  لکي ٿو تہ"ڪيرڪيگارڊ وانگي  ياسپرس بہ  سائينس  جو مخالف ھو ۽ چوندو ھو تہ قديم  يوناني مفڪر نظرياتي تجربي ۾ منجھيل رھيا ۽ انھن انساني زندگي کي بدلائڻ  جي لاءِ ڪاب سڌي نموني دعوت نہ  ڏني"ھي يار  (Agnostic)  ھو ۽ چوندو ھو تہ "مختلف  علمن  جي ترقي جي ڪري اھڙيون حالتون پيدا ٿيون آھن،جنھن ڪري ھـن دور جي انسان جي جڙ اصل کان ڪٽجي وئي آھي ۽ ھو پنھنجي وجود جي واٽ وڃائي ويٺو آھي"ص: 156. اھڙي طرح ياسپرس وٽ بہ  اسان کي تعميري فلسفو نظر نٿو اچي .

جبريل مارسل (1889-1973)

جبريل مارسل بہ بنيادي طور تي شروع ۾ تہ( agnostic) ھو.جنھن جو ٻي مھاڀاري لڙائي لڳڻ کانپو خيال ھو تہ " جديد تھذيب جون پاڙون تمام پوريون آھن"ص(161)

پر بعد ۾ جزا،سزا جي ڊپ ڪري وڃي چرچ جي پناھ ورتائين جيئن ليکڪ ص 164 تي لکي ٿو تہ "مارسل مسيحي عقيدي ۾ فلسفي جو بنيادي روح ڳولھي ورتو ۽ اڻٽتاليھن سالن جي عمر ۾ رومن ڪئٿولڪ ڪليسا ۾ وڃي مذھب قبول ڪيائين"

مارٽن ھائيڊيگر (1889-1976)

 مارٽن ھائيڊيگر فلسفي جي  حيثيت ۾ فلسفي جو ڪو بہ نظام تعمير نہ ڪيو.ھائيڊيگر کي ھن ڪتاب اندر ڪجھ تفصيل سان لکيو ويو آھي.

ھي يار بہ بنيادي طورتي وجود تي توجھ مرڪوز ڪري ٿو.جيئن صفحي نمبر  168، تي ليکڪ لکي ٿو تہ "سندس ڌيان وجود۔(being )تي ھو  ۽ موجود (existence) کي  سدائين ثانوي حيثيت ڏني ھئائين.ھو پاڻ بہ پنھنجي  وجودي ھئڻ  کان انڪار ڪري ٿو." ۽ انسان متعلق چوي ٿو ته "انسان دنيا ۾ اڇلايو ويو آھي  ۽ ان جو آخري  امڪان موت آھي جيڪو سمورن۔  امڪانن کي ختم ڪري ٿو"( ص 170)

ھن باب ۾ ھائيڊيگر کي الھائي سٺي انداز سان لکيو ويو آھي.پر تنھن ھوندي بہ  ساڳي شڪایت تہ ليکڪ جي تنقيد نظر منجھان نٿي گذري.

يان پال سارتر( 1905-1980)

ھن باب اندر يان پال سارتر جي فڪر ۾ وجوديت جي فلسفي کي آشڪار ڪيو ويو آھي.بنيادي طور تي يان پال سارتر ملحد وجوديت واد فلسفي ھو.جنھن جي ڪتابن اندر پھريان تہ وجوديت واد جا موضوع (themes) ملن ٿا پر بعد ۾ ھو وجوديت کان ڪنارا ڪشي ڪندي،مارڪسي سماجيات طرف ھليو وڃي ٿو،ڇو تہ ھو ادب برائي عملي زندگي جو قائل ھو.شرعاتي ڏينھن ۾ سارتر جسماني طور ڪمزو ھيو ۽ اھو ئي غالبن سبب ٿو جو سندس فڪر ۾ وجوديت جون واضع جھلڪيون پسي سگھجن ٿيون.جيڪو پڻ معروض جو ڪرشمو ھو بجاءِ جو معروض جي.۽ اھي ٻئي شيون ھڪ ٻئي منجھ پيوستہ آھن.

البرٽ ڪاميو (1913-1960)

 البرٽ ڪاميو جي ذھن تي معروضي لقائن وڏا ظلم ڪيا، جنھن ۾ ھن سڌارو آڻڻ جو دڳ مھيا ڪرڻ بجاءِ موضوع تائين محدود ٿي ويھي رھيو تہ  معروض ۾ موجود علم انسان جا دشمن آھن.سندس پيءُ ڄمڻ کان پوءِ ستت ئي جنگ ۾ مارجي ويس.پاڻ غربت ۽ بيحسي جي ڪيفيتن کان بہ  واقف ھو.دي اسٽرينجر،ربيل ۽ دِي پليگ جھڙا ڪتاب سندس فڪر ۾ جديديت خلاف ڪروڌ کي ظاھر ڪن ٿا.ڪاميو ويھن سالن ۾ شادي ڪئي ۽ طلاق شدہ بہ ٿي ويو شرعاتي ڏينھن ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۾ شموليت اختيار مئي ۽ وري  پوءِ ڇڏي ڏنائين .

جيئن صفحي نمبر 190، تي سائين نويد سنديلو لکي ٿو تہ"ھن لاءِ وڏو فلسفياڻو سوال ھو تہ  ڇا خودڪشي نہ ڪرڻ جو ڪو جواز آھي؟  ڪاميو سمجھندو ھو تہ ھي سوال تڏھن اڀري ٿو ،جڏھن ڪو شخص  پنھنجو پاڻ کي  ڌوکي ۾ رکڻ بند ڪري ٿو۔ڪاميو جي وڏين دعوائن مان ھڪڙي اھا آھي تہ  زندگي کل جھڙي يا واھيات  آھي"

يعني جڏھن انسان ڌوڪو يا (fantasies) مان نڪري ٿو تہ سندس وٽ جيئڻ جو ڪو جواز نٿو بچي۽ کيس مرڻ جا خيالات وڪوڙي وٺھن ٿا. جنھن مان اھو ثابت ٿئي ٿو تہ ھي بہ  نراجيت جي سحر ۾ جڪڙيل ۽ موضوع (subjec)۾ اٽڪيل ۽ الجھیل وجوديت واد فلسفي آھي.

"ادب ۾ وجوديت پسندي"

ھن ڪتاب جو آخري مختصر مضمون" ادب ۾ وجوديت پسندي "کي ارپيل آھي.جنھن ۾ پاڻ; دوستووسڪي جو ناول " Notes from the underground"،ليئو ٽالسٽا ۽  The death of Ivan Ilyich ايڳان الائچ جو موت،ڪافڪا جو مقدو "The trial"يوجين آئينسڪو جو "The blad sprano"سيموئل بيڪٽ جو "waiting for godot" گوڊو جي لاءِ انتظار "۾ وجوديت پسندي جي موضوع( Themes) تي مختصر ٽن پيجن تي تہ ڳالھائي ٿو. پر سموري ڪتاب ۾ شاھ لطيف ڀٽائي ذريعي وجوديت کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪرڻ کانپوءِ  اھي اميدون جڙندي ڏسجن ٿيون تہ ھن ڪتاب ۾  سنڌي ادب ۾ وجوديت پسندي جي رجھان تي بہ ڳالھيو ويندو پر افسوس انھي ڏس ۾ سنڌي ادب تي ماٺار اختيار ڪندي ليکڪ اسان کي نااميد ڪري ٿو.

جيتوڻيڪ ڪتاب ۾ تنقيدي پاسو تقريبن کٽل آھي،پر تنھن ھوندي بہ ھي ڪتاب موضوع متعلق فلسفياڻي علم جو انمول خزانو آڇي ٿو. انھي ڪري وجوديت جي بنيادي مقدمي کي سمجھڻ لاءِ فلسفي سان چاھ رکندڙ نوجوانن کي ھيءُ ڪتاب ضرور پڙھڻ گھرجي


Previous Post Next Post