فلسفو:- شعوري تشريح يا شعور ۽ عمل جو متحرڪ ۽ متضاد یا جدلياتي ڳانڍاپو؟
بشارت عباسي
گھڻي عرصي کان ڪجهه دوستن مارڪس جي فویرباخ تي لکيل يارھين ٿيسس تي ڪو مضمون يا مختصر نوٽ لکڻ لاءِ چوندا رهيا آهن،اڄ ھيءُ مختصر نوٽ ان ئي نيت سان لکڻ جو ارادو ڪيم ته مارڪس جي فویرباخ تي لکيل يارھين ٿيسس جيتري جڳ مشهور ۽ ٻچي،ٻچي جي وات تي ھوندي آھي،اوتري ۽ گھٽ يا بنه ناهي سمجھي وئي.
ڇا "فلسفو" منروا جو چٻرو آهي يا شڪاري باز؟
ھيگل مطابق تاريخ جا وڏا واقعا ٿي چڪا ھوندا آھن ۽ ڌرتي ڌوڏيندڙ تبديليون اچي چڪيون ھونديون آهن پر فلسفو انھن سڀني تبديلين کي شعوري طور ۽ ڪانسيپچوئلي تڏهن سمجھڻ جي ڪوشش ڪندو آھي جڏهن سڀ ڪجهه ٿي چڪو ھوندو آ؛ انھي ڳالهه کي ھيگل ھيئن بيان ڪيو ھو ته:
"When philosophy paints its grey in grey, then has a shape of life grown old. The owl of Minerva spreads its wings only with the coming of the dusk... "
مارڪس جي يارھين ٿيسس مطابق جدلياتي انقلابي فلسفي جو ڪم سماجي لقائن ۽ تبديلين جي رڳو مفعولي (passive) تشريح ڪرڻ نه آهي،بلڪہ شعوري جدوجهد وسيلي سماج جي خطرناڪ طبقاتي ۽ اسٽرڪچرل تضادن کي ختم ڪرڻ ھوندو آھي.پر شعور (فلسفي) ۽ عمل جو ڳانڍاپو بذاتِ خود ڪو غير جدلياتي ۽ غير متضاد ڳانڍاپو ناهي ھوندو،جڏهن اوهان دنيا کي شعوري (فلسفياڻي) انداز ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيو ته اوهان جي سامهون اھي انتھائي متضاد معروضي حالتون موجود ھونديون آهن. جيڪي راتون رات اوهان جي خواهشن مطابق تبديل ڪون ٿينديون آهن. جيئن لينن جان ایڊمز "John Adams" جو جملو دھرائيندي سماجيات تي لکيل ھڪ مضمون ۾ چيو ھو ته "facts are stubborn things"، انھن متضاد معروضي حالتن کي اوهان ان ريت حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيو ته جيڪي سماج جا تمام بنيادي نوعيت جا تضاد سامھون ھوندا آھن. اوھان پھرين مرحلي ۾ انھن تضادن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيو ( جيئن 1848، ۾ مارڪس ان ڳالهہ تي زور ڏنو ته فيوڊل ايمپائرز خلاف پرولتاريہ کي پروگريسو بورجوازي طبقي جو ساٿ ڏئي پھرين مرحلي ۾ جديد قومي رياست لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي ۽ لينن زار شاھي روسي ايمپائر کي محڪوم قومن جو قيد خانو چيو ۽ انقلاب کان پوءِ پھرين مرحلي ۾ انھن محڪوم قومن جي خودمختياري لاءِ قدم کنيا ويا) ڇو جو مارڪس ۽ لينن آڏو اھا ڳالھ واضح ھئي ته پرولتاريه جدوجهد بغير قومي خودمختياري حاصل ڪون ٿي ٿي سگهي ۽ قومي خودمختياري جي جدوجهد کان بغير پرولتاريه ۽ پِيڙھيل طبقن جي جدوجهد به حاصل نتيجا ڪون ڏئي سگھندي.
انھن ئي خوفناڪ ۽ ضدي تضادن کي حل ڪرڻ لاءِ جنهن قسم جو فلسفو يا ٿيوري درڪار ھوندي آھي،اھا ڪا جامد يا (fixed) ٿيوري ناهي ھوندي.بلڪہ حتمي مقصد کي سامھون رکندي پھرين مرحلي ۾ بنيادي تضادن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ته جيئن ٻئي مرحلي لاءِ جدوجهد جا رستا ھموار ٿي سگهن.جدلياتي (جدلياتي مادي) فلسفو انھي متضاد ۽ ھر وقت تبديل ٿيندڙ دنيا جو ھڪ (dynamic) ادراڪ آهي،ان ئي ڪري لينن جدلياتي مادي فلسفي لاءِ چيو هو ته "جدلياتي فلسفي جو ڪم ھلندڙ ريل تي چڙھڻ ھوندو آھي (ڏسو الٿوسي جو ڪتاب ”Lenin and philosophy“ ) ان تمثيل جو مطلب آهي ته مارڪسزم جي جدلياتي مادي فلسفي جو ڪم ھر وقت تبديل ٿيندڙ دنيا جو نه رڳو ھڪ متحرڪ ادراڪ ۽ تشريح آهي،پر ان متحرڪ تشريح کي تبديلي جي انقلابي عمل سان جوڙڻ به آهي. عمل سدائين فڪر کان تيز ھوندو آھي ۽ فڪر جو ڪم ڊوڙ پائي عمل کي نه رڳو ڪانسيپچوئلي سمجهڻ ھوندو آھي، بلڪه ان کي تنقيدي انداز ۾ ڏسڻ به ھوندو آھي.جيئن مارڪس ان عمل کي فویرباخ تي لکيل پھرين ٿيسس جي آخري سٽن ۾ بيان ڪيو: "Revolutionary practice as practical critical activity".
نتيجو (conclusion) :
جيئن مٿين سٽن مان واضح ٿيو ته مارڪسي جدلياتي مادي فلسفو ھيگل وارو چٻرو يا مردار خور ڳجھ ناهي جيڪا آسمانن ۾ اڏي ڌرتيءَ تي ڪنهن مردار جانور جي مرڻ جو انتظار ڪري ۽ پوءِ اھو مردار جانور کائي ڍئو ڪري، مارڪسي جدلياتي مادي فلسفو شڪاري باز وانگر آهي جيڪو پنهنجي رفتار کي شڪار جي رفتار مطابق يا ان کان به تيز رفتار ۾ اڏندي شڪار ڪندو آهي.مارڪس جي يارھين ٿيسس مارڪسزم جي مجموعي فلسفي جو نچوڙ آهي.جنھن کي مون ھن مختصر نوٽ ۾ عام فھم انداز ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.