-->

Bertrand Russell's Letter to Mr. Tufail A. Qureshi

 "سنڌ يونيورسٽي فلاسافيڪل سوسائٽي" جي  طرفان بنگلاديش ۽ پاڪستان جي ورھاڱي کان پھريان نڪرندڙ "وزڊم" جنرل جي ايڊيٽر انچيف طفيل اي قريشي ڏانھن 1963ع ۾  برٽنڊررسل جي ھن  لکيل خط جي،اُن وقت ھِنٙ خِطي جي سياسي تاريخ ۾ ڪھڙو ڪردار ھو يا موجوده  وقت ۾ ھن خط جي منظر عام تي اچڻ کانپوءِ ڪھڙي حيثيت ٿي سگھي ٿي،اھو سنڌ ۽ پاڪستان جي سياسي مفڪرن مٿان ڇڏيندي  اورجنل زبان يعني انگلش سميت ھن خط جو سنڌي ترجمو "سنڌ فلاسافيڪل سوسائٽي" جي پڙھندڙن اڳيان رکجي ٿو.
Bertrand Russell's Letter to Mr. Tufail A. Qureshi

        From: The earl Russell, O.M.F.R.S

        PLAS PENRHYN,

        PENRHYNDEUDRAETH,

        MERIONETH,

        TEL.PENRHYNDEUDRAETH 242.

        12th june ,1963.

Mr TUFAIL A.Qureshi,

Editor In Cheif,

Wisdom.

پيارا قريشي،

خط موڪلڻ لاءِ مھربانيون.آئون سمجھان ٿو ھيٺيون پيغام ڪافي رھندو.

"چائنا ۽ پاڪستان وچ ۾ سرحدي تنازعي جو پُرامن حل،امن قائم ڪرڻ طرف سنجيده ڪوشش ھئي.آئون اميد ڪئي پئي ته  اھڙو ئي بندوبست مستقبل بعيد ۾ انڊيا ۽ پاڪستان وچ ۾ ممڪن ٿيندو. پر اھا ڏاڍي ڏکوئيندڙ ڳالھ آھي ته انڊيا ۽ پاڪستان اڃان تائين اوئلي تڪرار ۾ آھن، ڇو جو اِھا پاڪستان، انڊيا ۽ دنيا جي عوام لاءِ  تمام خطري جي ڳالھ آھي.آئون اميد ڪيان ٿو ته  پاڪستان،انڊيا سان پُرامن تعلقات قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري رکندو.آئون پاڪستاني عوام کي پڻ اھا گذارش ڪيان ٿو ته  سرد جنگ جا نقصان ذھن ۾ رکي پنھنجي ملڪ جي غيرجانبدار پرڏيھي پاليسي لاءِ مھم ھلايو.آئون ان موقعي تي 'وزڊم' کي ڪوششون وٺھڻ لاءِ مبارڪباد  ڏيان ٿو.

نيڪ تمنائن سان

توھانجو پنھنجو،

برٽنڊررسل.

ترجمو; اظھر علي

صدر سنڌ فلاسافيڪل سوسائٽي.

ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ

سنڌ فلاسافيڪل سوسائٽي

Previous Post Next Post