-->

فلسفِي رافيل جو گيڊيون ڪالڊر کي ڏنل انٽريو

 فلسفِي رافيل جو گيڊيون ڪالڊر کي ڏنل انٽريو

Interview of  D.D Raphael conducted by Gideo Cadler

 ترجمو: اظھر علي

 گيڊِيون ڪالڊر (Gideon Calder):

 سوال: توھانکي فلسفو پڙھڻ تي ڪھڙي شئي اتساھيو؟

ڊِيوڊ ڊائچس رافيل (D.D Raphael):  

جواب: مونکي ياد آھي تہ آئون 1930، ڌاري ھڪ ڪتاب پڙھي رھيو ھئس. ھاڻ ڪتاب ڪھڙو ھو؟ شايد جارج ايڊورڊ مور جو اخلاقيات(Ethics) ھو ۽ سوچڻ لڳس، چڱو جيڪڏھن اِھا فلاسافي آھي تہ ڀايان ٿو آئون ڪري ويندس.

سوال:  ھڪ ڇرڪائندڙ ڳالھ توھانجي ڪم جي باري ۾ اھا آھي تہ توھانجي مستقل دلچسپي برطانوي تجربيت پسندي ۾ آھي؟

جواب: ھا ايئن آھي تہ آئون فرينچ چڱي خاصي ڄاڻان ٿو، پر ايتري بہ خاص نہ جو آئون فلسفياڻو ڪم فرينچ ٻوليءَ ۾ ڪري سگھان. مونکي ياد پوي ٿو جڏھن آئون آڪسفورڊ ۾ ليڪچر ڏيڻ ويندو ھئس تہ ھينري پرائس، پاڻ منطق جو پروفيسر آھي مشوَرو ڏنائون ته مونکي (18صدي جو Welsh مورل  فلسفي) رچرڊ پرائس پڙھڻ گھرجي ۽ ان کي پڙھڻ دوران مون ٻيھر سوچیو ”جيڪڏھن اِھا فلاسافي آھي، تہ ڀايان ٿو آئون ڪري ويندس“.

سوال: ۽ توھانجي فلسفي ۾ ڊاڪٽريٽ جو مقالو (Thesis) جزوي طور پرائس تي ھو؟

جواب: ڳالھ اھا آھي تہ آئون آڪسفورڊ ويس، يونيورسٽي ڪاليج  ڇاڪاڻ تہ ھڪ ڇَوڪِري منھنجي اسڪول مان ايئن ڪيو ھو ۽ ڪامياب ويو. اتي چار سال جو ڪورس ھو پھريان پنج ٽرمز (term) ڪلاسيڪل موڊيريشن ۽ پوءِ وڌيڪ ستن(Term) کانپوءِ Literae Humaniores (great)  جو ڪورس، پوءِ ھينري پرائس مشورو ڏنو تہ  مونکي رچرڊ پرائس جو ڪتابَ (A Review of the principle questions in morality) (1758)، ضرور سنوارڻ (Edit) ڪرڻ گھرجي. آئون سمجھان ٿو ھُو اھو جزوي طور تي انھي ڪري بہ چاھي پيو ڇاڪاڻ تہ ٻنھي جي ذات ساڳي ھئي! ۽ کيس خبر ھئس تہ پرائيس کي سنوار جي ضروت آھي.

سوال: توھانکي اَسي ورھين کان وڌيڪ عرصو يونيورسٽي ۾ ۽ ان جي جي  پسگردائي ۾ ٿيو ھوندو. 1940ع ۾ پنھنجي فلسفي ۾ ڊاڪٽريٽ مڪمل ڪرڻ کانپوءِ توھان نيوزي لينڊ پنھنجي پھرين مڪمل نصابي (Academic) پوسٽ لاءِ اوٽاگو يونيورسٽي ۾ پڙھائڻ لاءِ ويا؟

جواب: بلڪل اھا وزارتِ مزدور (Ministry of labour) ۾ ڪم ڪرڻ کان پوءِ، جنگ جي دوران جي ڳالھ آھي. مونکي نيوزيلينڊ سٺو لڳو ۽ اتي گھاریل وقت ۾ مزو آيو. پر اتي وڃڻ کانپوءِ پڇتايو، ڇاڪاڻ تہ منھنجي زال اُرھي ھئي ۽ سندس پيءُ بيمار ھو. اصل ۾ آئون پنج سالَ رھڻ وارو ھئس پر ٽن سالن کانپوءِ واپس اچڻ جو طئي ڪيو. انھي نتيجي ۾ مونکي ڪرايو ڀرڻو پيو، جيڪو ھونئن اداري کي ڀرڻو ھو.

سوال: مطلب توھان پنھنجو پاڻ کي عھدو ڇڏڻ تي راضي ڪيو ۽ يوڪي (UK) واپسي تي توھان گلاسگو يونيورسٽي ۾ عھدو سنڀاليو؟

جواب: ھا مان اُتي پروفيسر ميڪلاگن کي سڃاڻا پيو، ڇو تہ  جڏھن آئون اوريل ڪاليج (آڪسفورڊ ) منجھان گريجوئيشن جو طالبِ علم ھئس، ميڪلاگن اُتي پَڪو استاد ھو. آئون کيس چڱي ريت سڃاڻي ورتو ۽ سوچيو سندس لئه مان لاڀائتو ٿيندس، جيئن ھن وقت بہ ٿيان پيو.

سوال: ۽ پوءِ توھان ساڳين ئي ڊپارٽمنٽ ۾ ھئا، جتي ايڊم سمٿ اخلاقي فلسفي جو پروفيسر ھو؟ 

جواب: ھا جيتوڻيڪ آئون انھي ڪري عھدو ڪونه ورتو  ھو.

سوال: توھان گاسگو ۾ تقريبن ويھَ سال رھيا؟ 

جواب: ھا ڏھ سالَ بطور ليڪچرر پوءِ سينيئر ليڪچرر ۽ ميڪلاگن سان بطور مورل فلسفي جي  پروفيسر طور. تنھن کانپوءِ آئون سياسي فلسفي جو پروفيسر مقرر ٿيس.

سوال: پوءِ توھان “ريڊنگ يونيورسٽي“ ھليا ويا؟

جواب: ھا، جيتوڻيڪ اُھا غلطي ھئي. مونکي گلاسگو ۾ رھڻ گھرجي ھان. تنھن کانپوءِ آئون امپريل ڪالج (لنڊن) ھليو ويس.

سوال:  جيڪو بنيادي طور تي سائنس سان بطور ادارو منسلڪ آھي. پوءِ ھُو ھڪ سياسي فَلسفِي جي تلاش لاءِ ڪيئن نڪتا؟ 

جواب: ھنن کي اھڙو ماڻھو گُھربل ھو جيڪو سائنس جي شاگردن کي ھيومنٽيز (يوناني ۽ لاطيني ادب لئه استعمال ٿيندڙ اصطلاح) سان گڏوگڏ غير سائنسي مضمون پڙھائي سگھي. تنھنڪري مونکي رکيائون ۽ ڏاڍي خوشي ٿيم  جڏھن آئون مقرر ٿيس، آئون اُتي ڏاڍو خوش ھئس.

سوال: اُھا ڪھڙ شئي ھئي، جنھن توھان کي لُطف اندوز ڪيو؟

جواب: چڱو شاگردَ ڏاڍا ھوشيار ھئا. امپريل ڪاليج جا سڀ  شاگرد موچارا ھوشيار آھن ۽ ھنن جي سائنس جي نصاب  کان بنھه مختلف ھئڻ ڪري ھُو فلسفي طرف مائل  ھئا. انھيءَ ڪري ايندڙ شاگردَ پرجوش ھئا. آخرڪار مونکي اعزازي فيلو (Honory fellow ) رکيو ويو. ان جڳھ لاءِ مون وٽ تمام خوشنما حيثيت آھي.

سوال: ڇا توھان سمجھو ٿا تہ نصابي دنيا توھان جي پسگردائي ۾ گھڻي تبديلي آڻي ڇڏي ھئي. ڇا توھانجي رٽائرٽمنٽ وقت اھا بنھه مختلف دنيا ھئي.؟

جواب: آئون ايئن نه چوندس تہ اھا تبديل ٿي چڪي ھئي ھرگز نه ! 

سوال: ايڊم سمٿ ۾ بطور فلسفي منھنجي خاص دلچسپي آھي. جيتوڻيڪ  گھڻا ماڻھون يقينن کيس بطور ماھرِ معاشيات ڄاڻن ٿا. ڇا توھان ٿورو ٻڌائي سگھندا ڪھڙي سببن ڪري توھان پنھنجي توجھ سندس ڪم تي مرڪوز ڪئي؟

جواب: چڱو اھو مونکي مشورو ڏنو پئي ويو تہ ، آئون سمٿ جي Theory of moral sentiment" (1959)" کي ضرور سنواريان. آئون اتان کان کيس ساراھڻ لڳس. آئون ڄاڻان ٿو ھو ڪو عظيم فلسفي نہ ھو، پر مونکي موھيندڙ لڳو.

سوال: ڇا توھين سمجھو ٿا تہ ھُو ڊيوڊ ھيوم جھڙي شخصيتن جي فھرست ۾ رکڻ لھڻي ٿو؟

جواب: بطور فلسفي نہ. ھيوم گھڻو عظيم فلسفِي ھو. پر ھا ھو دوستَ ھئا. منھنجي اسڪاٽش روشن خيالي ۾ عمومي طور تي دلچسپي ھئي ۽ اتان مون وٽ سمٿ ۽ ھيوم لاءِ عزت ۽ محبت پيدا ٿي.

سوال: اُھا ڪھڙي شئي آھي، جيڪا اسڪاٽش روشن خيالي کي (پنھنجي ھم منصب) جرمن ۽ فرينچ روشن خيالي کان بلڪل  مختلف بڻائي ٿي، توھين ٻڌائيندا؟

 جواب: سچ اُھو آھي تہ آئون سمجھان ٿو اُھي شيون عام فَھم وٽان آھن. جيڪو کيس سمجھڻ جھڙو بڻائي ٿو. آئون انھي فلسَفي جي قطعي پرواھ نہ ڪئي، جيڪو سمجھڻ ۾ مشڪل ھو. آئون اسڪاٽش فلسفي طرف سندس چِٽائي ڪري موھجي پيس.

سوال: جڏھن توھان ڪنھن کي پڙھو ٿا، جيئن ڪانٽُ، پنھنجي مقامي ٻولي ھئڻ باوجود توھانکي ھڪ مختلف لغت کڻڻي پوندي ۽ اھڙو ڪجھ ھيوم يا ريڊِ پڙھڻ دوران توھان کي اھو ڪرڻو نہ پوندو. اِھو انھي ڪري تہ ناھي جو ھنن جو ڪم گھٽ بناوٽي ۽ تيز فَهَمُ آھي. اُھو صرف انھي ڪري آھي جو اھو مختلف طرز (Mode) ۾ لکيل آھي. گھڻا ماڻھون توھانکي بنيادي طور تي، (Problem of political philosophy) جي ڪري سڃاڻندا ھوندا، جيڪو پھريون ڀيرو، 1970ع پڌرو ٿيو. ڇا توھان اھو سمجھو ٿا ته اھو ماڻھن جي سمجھڻ جي انداز تي اثرانداز ٿيو ھو تہ سياسي فلسفو ڇا آھي؟

جواب : ھا آئون ننڍي پيماني تي ايئن ئي سمجھان ٿو.

سوال: توھانجي ويجھڙ ۾ آيل ڪتاب (concepts of Justice)(2003) مفڪرن جي ھڪ  فھرست متعارف ڪرائي آھي. جنھن ۾ ھو انصاف (Justice) جي تصور (idea) جي ڦَلورَ ڪن ٿا. ھِنن ڏينھن ۾ گَھڻي سياسي فلسفي جي ڪورسن جو زور جون رالز ( john rawls ) ۽ ھن جي (A theory of justice) تي آھي، پر توھانجي ڪتاب ۾ ھُن کي صرف ھڪ باب جي موضوع کان وڌيڪ ڪاٿي بہ جڳھ ناھي ڏني وئي. ڇا توھين سمجھو ٿا تہ اِھو مددگار ثابت ٿيندو، جيڪڏھن سياسي فلسفِي رالز (Rawls ) تي گھڻو مدار نہ  رکن؟

جواب: اوه مونکي ناھي خبر .آئون سمجھان ٿو ھو دلچسپ ۽  ترغيب ڏيندڙ آھي، تنھنڪري آئون تمام خوش آھيان تہ  اھو ايئن ئي ساڳيو رھڻ گھرجي.

سوال: حقيقت ۾ توھانجي نظر ۾ توھانجي تمام گھري ترجيح تصورن ( concepts) جي وضاحت آھي. توھان سمجھو ٿا تہ ان ۾ حدون (limitations) بہ آھن؟ اسانکي اھي ڪيترو پري وٺي وڃي سگھن ٿا؟

جواب: آئون سمجھان ٿو اھي پنھنجو پاڻَ کان پاڻَ کي تمام پري وٺي ويندا. اُھي روشناس ۽ روشن خيال ڪندڙ آھن. ماڻھو شين کي وڌيڪ سمجھي سگھندو. 

سوال: ڇا اسانکي تصورن جو تجزيو عملي سياست جي دنيا  ۾ کڻي اچڻ گھرجي، مطلب اسانجي سمجھڻ جي انداز مطابق جيئن طاقت (power) اصل ۾ ڪم ڪري ٿي؟

 جواب: چڱو آئون سمجھان ٿو تہ خالص تصوراتي پاسو ئي اھو آھي، جنھن مونکي موھيو ۽ آئون سوچيو تہ آئون پنھنجي شاگردن ۾ بہ برابر دلچسپي پيدا ڪريان، پر آئون نٿو سمجھان تہ سمجھڻ جو اھو ئي واحد طريقو آھي. مونکي ڪو اعتراض ناھي، انھن مسئلن کان پُٺتي ڪم ڪرڻ ۾ جيڪي حقيقي دنيا ۾ اسانجي مُنھن پون ٿا. پر ھيءَ اھا شئي نہ ھئي جنھن مونکي متوجھہ ڪيو ٿِي.

سوال: ڇا توھان پڙھائڻ (Teaching) کي ياد ڪيو ٿا؟

 جواب: ھا اھو تمام وڻندڙ آھي، جڏھن توھان محسوس ڪيو تہ توھان تبديلي آڻي رھيا آھيو. منھنجي ڪجھ شاگردن تمام سٺيون شيون ڪيون آھن. گھڻا فلسفو پڙھائن ٿا.

سوال: ڇا اھڙا آڳاٽا دوست آھن، جن جا توھان خاص  ٿورائتا ھجو؟

جواب: آئون پنھنجي ڀيڻيوي جو تمام گھڻو ٿورائتو آھيان. ادبي تاريخدان ۽ نقاد ڊيوڊ ڊائچس. جيڪي ڪجھ ھن ڪيو آئون کيس ساراھيان ٿو. ھُن پنھنجي مضمون ۾ نمايان ڪم ڪيو آھي. آئون کيس ڏاڍو پسند ڪندو ھئس.

سوال : ھمعصر فلسفين منجھان توھان کي خاص طور تي ڪنھن متاثر ڪيو؟ 

 جواب: انگريز اخلاقي  فلسفي ھيرالڊ آرٿر پرچارڊ (Prichard ) مونکي تمام گھڻو متاثر ڪيو. 

سوال: مان اھو ڄاڻڻ ٿو چاھيان، توھانجون وڏيون ڪاميابيون ڪھڙيون آھن، جنھن تي توھان فخر ڪندا ھجو؟

جواب: اوھ يار! مونکي نٿو لڳي آئون گھڻو ڪجھ حاصل ڪيو آھي. آئون سمجھان ٿو تہ  مون شاگردن ۾ نمايا تبديلي آندي آھي، جيڪا مطمئين ڪندڙ آھي.

سوال : ڇا توھانجو ڪو پسنديده ڪتاب آھي؟

جواب: ھاڻ ڀايان ٿو (Alice in wonderland) آھي. 

سوال: جيتوڻيڪ آئون توھانجي ئي ڪم جي باري ۾ سوچي رھيو ھئس، ڪو تمام پسنديده آھي، مثال طور ڪو اھڙو ڪتاب جنھن کي توھان جيڪي ڪجھ ڪيو آھي ان منجھان نمايان رکڻ چاھيو؟

 جواب: آئون اھڙو نٿو سمجھان نہ (ٿورڙي دير کانپوءِ DDR کي ياد پيو تہ (Moral Judgment) پسنديده آھي. 

سوال : ڇا توھانکي پنھنجي سموري ڪم تي فخر آھي؟

جواب: آئون فخر تہ نہ چوندس. خبروار ھوندي تہ ان مان ماڻھو  لاڀُ وٺن پيا، آئون خوش آھيان تہ مون  ڪيو!. مونکي اھو ڪم ڪرڻ تي خوشي آھي.

نوٽ: گيڊِيون ڪالڊر(Gideon Calder) ڪارڊف يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ۽ ھاڻ سماجي اخلاقيات جو سائوٿ ويلز يونيورسٽي ۾  پروفيسر آھي.۽ ھي انٽرويو(Philosophy Now ) مئگزين منجھان کنيل آھي.

Previous Post Next Post